راڪاس جو روڻو
راڪاس جو روڻو (ماڳ): هيءُ قديم پٿر جي زماني سان واسطو رکندڙ اوائلي انسان جي رهائشگاهه تي مشتمل هڪ غار آهي، جيڪا روهڙيءَ وارين ٽڪرين ۾ واقع آهي. قديم آثارن جي ماهرن هن غار جو دؤر ’پٿر جو نئون زمانو‘ ڄاڻايو آهي. هيءَ غار روهڙيءَ وارين ٽڪرين جي اولاهين لاهيءَ وٽ، خيرپور کان ڏهن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. هن جي اوڀر ۾ خيرپور ميرس جو شهر، ڏکڻ ۾ سلطان اڌم جو مقبرو، اولهه ۾ سنڌو درياهه، اتر ۾ شادي شهيد جو قبو ۽ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور آهن. غار کي ٻه لنگهه آهن، جن مان اوڀر وارو لنگهه ٻارهن فوٽ وڏو ۽ اٺ فوٽ ويڪرو آهي. غار جي لنگهه وٽان ئي وڏي تعداد ۾ ٺڪراٺو ملي ٿو. غار جي مجموعي ايراضي هڪ سؤ ميٽر آهي. هن غار جي مٿان ٽي گنبذ به ٺهيل هئا، جن ۾ وچ وارو گنبذ ٻنهي پاسن وارن گنبذن کان وڏو هو. انهن ٽنهي گنبذن کي مقامي ماڻهن ڊاهي ڇڏيو. هن غار کي مقامي ماڻهن ڄاڻ نه هئڻ سبب گهڻو نقصان رسايو آهي. هتان ٺڪراٺي کان علاوه پٿر جا اوزار به مليا آهن، جن ۾: پٿر جون ڪورون، پٿر جون ڇلون، پٿر جا ڦر وغيره شامل آهن. انهن مڙني شين جو واسطو هڙاپا اوائلي دؤر سان ملي ٿو. قديم آثارن جي ماهرن هتي ملندڙ ٺڪراٺي کي سنڌو تهذيب جو ڳاڙهي تي ڪاري ليڪي وارو ڄاتل سڃاتل ٺڪر قرار ڏنو آهي.