راڪيٽ

راڪيٽ

راڪيٽ

راڪيٽ

راڪيٽ

راڪيٽ

راڪيٽ

راڪيٽ (Rocket): انسان جي هن وقت تائين حاصل ڪيل ڪاميابين مان هڪ شاندار ڪاميابي خلا جي کوجنا بہ آهي. خلا جي کوجنا هڪ پيچيدہ مسئلو ٿئي ٿو، جو ان لاءِ ڪيترن مسئلن ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، جھڙوڪ: خلا جي خال سان منهن ڏيڻ، تيش، خلا مان واپسي، خلائي مڪينيات، شھاب ثاقب ۽ خلا جا ٽڪر ٽوٽا، خلائي ۽ شمسي شعاع ۽ بي وزني واري ماحول ۾ اچڻ وڃڻ لاءِ سامان ۽ آرام ڪرڻ جي سهولت، جڏهن تہ انهن سڀني کان هڪ وڏو مسئلو ايتري گهڻي توانائي جو پيدا ڪرڻ ٿئي ٿو. جنهن رستي ڌرتيءَ تان اڏامي خلا ۾ پهچي سگهي ۽ اهڙي ڪم جي پورائيءَ ۽ ڪاميابيءَ لاءِ هڪ راڪيٽ انجڻ جي ضرورت ٿئي ٿي.
هڪ پاسي کان راڪيٽ انجڻ ٺاهڻ ايتري سولي ٿئي ٿي جو اهڙي هڪ نموني طور توهان ٺاهي سگهو ٿا، جڏهن تہ ٻئي پاسي کان راڪيٽ انجڻ (۽ ان جو ٻارڻ سرشتو) ايترو پيچيدہ ٿئي ٿو، جو هن وقت تائين دنيا جا رڳو ٽي ملڪ آهن، جيڪي پنهنجن خلابازن کي خلا ۾ موڪلي سگهيا آهن. خلا ۾ وڃڻ لاءِ سڀ کان اڳ اهو ڏسڻو پوندو آهي تہ راڪيٽ ڪهڙيءَ طرح سان ڪم ڪري ٿو تہ ان جي ڪن پيچيدگين کي بہ سمجهڻو پوندو.
ڪيترا ماڻهو جڏهن موٽر يا انجڻ بابت سوچيندا آهن تہ اهي گردش/ ڦيري (Rotation) بابت سوچيندا آهن، مثال طور: موٽر ڪار جي گيسولن/ ٻارڻ موٽ ۾ گردش ڪرائيندڙ توانائي پيدا ڪري ٿو، جنهن سان موٽرڪار جا ڦيٿا ڦرن ٿا. ساڳيءَ طرح سان بجليءَ تي هلندڙ هڪ موٽر گردشي توانائي پيدا ڪري ڪو پکو هلائي ٿي يا ڪنهن چرخيءَ کي ڦيرائي ٿي. ساڳئي ڪم لاءِ ٻاڦ تي هلندڙ انجڻ استعمال ڪري ساڳيو مقصد حاصل ڪيو وڃي ٿو، جيئن ٻاڦ تي هلندڙ ٽربائين ۽ ڪيترين گئس ٽربائينن رستي ڪيو وڃي ٿو، جڏهن تہ بنيادي طرح سان راڪيٽ انجڻ مختلف قسمن جي ٿئي ٿي، جو اها ردعمل پيدا ڪندڙ انجڻ (Reaction Engine) ٿئي ٿي. ڪنهن بہ راڪيٽ انجڻ کي ڦيرائڻ جو بنيادي متو، نيوٽن جي مشھور متي تي ٻڌل ٿئي ٿو. هر عمل لاءِ ان جيترو ۽ مخالف رد عمل ٿئي ٿو. هڪ راڪيٽ انجڻ بہ پنهنجو مادو هڪ طرف ڌوڪي/ اڇلائي ٿي ۽ ان جي ردعمل/ نتيجي ۾ ٻئي پاسي پيدا ٿيندڙ فائدو حاصل ڪري ٿي.
عام طور تي راڪيٽ انجڻ پنهنجو مادو وڏي دٻاءَ واري گئس جي صورت ۾ اڇلائي ٿي. جڏهن انجڻ گئس جو مادو ڪنهن هڪ طرف اڇلائي ٿي تہ ان جي مخالف طرف ردعمل پيدا ٿئي ٿو. اهڙو مادو/ مايي (Mass) ٻارڻ جي وزن مان پيدا ٿئي ٿو، جيڪو انجڻ ٻاري ٿي. ٻرندڙ عمل، ٻارڻ مادي کي تيز ڪري ڇڏي ٿو، جنهن سبب اهو راڪيٽ جي نلڪيءَ مان تمام تيزيءَ سان خارج ٿيڻ لڳي ٿو.
راڪيٽ انجڻ جي سگهہ کي ٿيلھہ/ ڌوڪ (Thrust) سڏجي ٿو. ٿيلھہ جي ماپ، ٿيلھہ جي پائونڊن ۽ ميٽرڪ سرشتي ۾ ورتي وڃي ٿي. (4.45 نيوٽن ٿيلهيون برابر آهن هڪ پائونڊ جي ٿيلھہ جي). هڪ پائونڊ جيتري ٿيلھہ، ٿيلھہ جي ان مقدار جيتري ٿئي ٿي، جيڪا هڪ پائونڊ وزن جي جسم کي، زمين جي ڪشش جي رفتار 32 فوٽ في سيڪنڊ (21 ميل في ڪلاڪ في سيڪنڊ) آهي.
جيڪڏهن توهان ڪنهن خلائي شٽل کي اڏامندي ڏٺو آهي تہ توهان کي ان جا هيٺيان ٽي ڀاڱا ڏسڻ ۾ ايندا:
1. آربيٽر/ مدار ۾ ڦرندڙ (The Orbiter)
2. بگ ايڪسٽرنل ٽئنڪ/ ٻاهريون شاهي ٽانڪيون (The Big External Tanks)
3. ٻہ هزار راڪيٽ بوسٽر (The Two Solid Rocket Boosters/ SRBs)
آربيٽر جو خالي هوندي وزن 165000 پائونڊ، ٻاهرين ٽانڪين جو بنا تيل جي وزن 78100 پائونڊ ۽ ٻن نهرن راڪيٽ بوسٽرن مان هر هڪ جو وزن 185000 پائونڊ ٿئي ٿو. جڏهن تہ انهن کي ٻارڻ سان ڀرڻو بہ پوي ٿو. هر هڪ بوسٽر ۾ 1.1 ملين پائونڊ ٻارڻ اچي وڃي ٿو. ٻاهرين ٽانڪي ۾ پاڻيٺي آڪسيجن جا 143000 گئلن (1359,000 پائونڊ) ۽ پاڻيٺي هائڊروجن جا 383000 گئلن (226000 پائونڊ ٿين ٿا). ائين سڄي گاڏي جنهن ۾ شٽل، ٻاهرين ٽانڪي، راڪيٽ جي نهري بوسٽر جو دٻو / خول ۽ سڄي ٻارڻ سميت زمين کان اٿڻ وقت جملي وزن 4.4 ملين پائونڊ ٿئي ٿو. 4.4 ملين پائونڊن جو 165000 پائونڊ وزن خلا ۾ کڻي وڃڻ ۾ وڏو فرق ٿئي ٿو. جڏهن تہ پوءِ بہ آربٽر ۾ 65000 پائونڊن جيترو وزن / پي لوڊ (سائيز ۾ 15x60 فٽ) کڻڻ جي گنجائش ٿئي ٿي، پر تنهن هوندي بہ اهو هڪ وڏو فرق ٿئي ٿو. جڏهن تہ ٻارڻ جو وزن آربيٽر کان 20 هوڻو وڌيڪ هجي ٿو. نهري ٻارڻ واري راڪيٽ انجڻ جون ٽي خاص خاصيتون ٿين ٿيون، سنهيون، گهٽ خرچ ۽ سلامتيءَ واريون. منجهن ٻہ خرابيون بہ ٿين، انهن جي ٿيلھہ تي ضابطو رکي نہ ٿو سگهجي ۽ هڪ دفعو انجڻ هلائڻ کانپوءِ ان کي نہ تہ بند ۽ نہ ئي وري ٻيهر چالو ڪري سگهجي ٿو. اهڙيءَ خرابي جو مقصد ٿيو تہ نهرو ٻارڻ استعمال ڪندڙ راڪيٽ انجڻ رڳو مختصر عرصي جي هاجن لاءِ بوسٽر سرشتن لاءِ ڪارائتي ٿي سگهي ٿي (ميزائيلن جيان). پر جڏهن اهڙي انجڻ ضابطي ۾ رکڻي هجي، تڏهن ان لاءِ پاڻيٺي ٻارڻ جو سنجٽ استعمال ڪرڻو پوي ٿو.
1926ع ۾ Robert Goddast هڪ اهڙي راڪيٽ انجڻ جو تجربو ڪيو، جيڪا پاڻيٺي ٻارڻ تي هلندڙ هئي. هن پنھنجي انجڻ ۾ گئسولن ۽ پاڻيٺي آڪسيجن استعمال ڪئي، ساڳئي وقت هن ڪيترائي تجربا ڪري راڪيٽ انجڻ جي ڊزائن ۾ بہ ڪيتريون بنيادي تبديليون آنديون، جن ۾ انهن جو پمپنگ سرشتو، ٺارڻ جا سنجٽ ۽ سکاڻ (Steering) جو نظام بہ هو. اهي ڪجهہ اهڙا مسئلا آهن، جن سبب پاڻيٺي ٻارڻ تي هلندڙ راڪيٽ وڌيڪ پيچيدہ ٿين ٿا، جڏهن تہ انهن جو بنيادي تصور ساڳيو ٿئي ٿو. پاڻيٺي ٻارڻ تي هلندڙ ڪيترين راڪيٽ انجڻين جو ٻارڻ ۽ آڪسيڊائيزر (Oxidizer، جھڙوڪ: گئسولن ۽ پاڻيٺي آڪسيجن) ڪمبشن چيمبر ۾ اماڻيو وڃي ٿو، جتي اهي ٻري تمام گهڻو دٻاءُ ۽ گرم گئسن جا تيز ڇوها پيدا ڪن ٿا. اهي گئسون جڏهن سوراخ (نوزل) مان گذرن ٿيون تہ اهي ڇوهن کي اڃا بہ وڌيڪ تيز ڪري ڇڏين ٿيون (انهن جي خارج ٿيڻ جي عام رواجي رفتار 5000 کان 10000 ميل في ڪلاڪ) ۽ اهي انجڻ کان خارج ٿي وڃن ٿيون.
راڪيٽ جي هن قسم جي انجڻ ۾ ڪن قسمن جون عام پيچيدگيون بہ ٿين ٿيون، جھڙوڪ: ٻارڻ يا آڪسيڊائيزر لاءِ عام طور تي ٿڌي پاڻيٺي گئس، جھڙوڪ: هائڊروجن يا پاڻيٺي آڪسيجن جهڙو هجڻ ٿئي ٿو، جڏهن تہ پاڻيٺي ٻارڻ تي هلندڙ راڪيٽ انجڻ لاءِ هڪ اهڙو وڏو مسئلو ان جو ڪمبشن چيمبر ۽ نوزل جو ٿڌو هجڻ ضروري ٿئي ٿو، تنهنڪري اول اهڙن شديد ٿيل حصن ڏانهن ڳڱيل پاڻيٿون گردش ڪرائي انهن کي ٺاريو وڃي ٿو. پمپن کي تمام وڏو دٻاءُ پيدا ڪرڻو پوي ٿو تہ جيئن ٻرندڙ ٻارڻ سبب ڪمبشن چيمبر ۾ پيدا ٿيندڙ دٻاءَ کي گهٽائي سگهجي.
پاڻيٺي ٻارڻ تي هلندڙ راڪيٽ انجڻين ۾ سڀني قسمن جي ٻارڻ جي ملاوت استعمال ڪري سگهجي ٿي، جھڙوڪ:
1. پاڻيٺي هائڊروجن ۽ پاڻيٺي -اسپيس شٽل جي مکيہ انجڻ ۾
2. گئسولن ۽ پاڻيٺي آڪسيجن -گوڊارڊ جي اوائلي راڪيٽن ۾
3. گاسليٽ ۽ پاڻيٺي آڪسيجن -ايولو پروگرام جي سئچرن – V بسٽر جي
4. الڪوحل ۽ پاڻيٺي آڪسيجن-جرمن V2 راڪيٽن ۾
5. نائٽروجن ٽيٽرا آڪسائيڊ/ مونو ميٿائيل هيڊ رازئي-ڪيسيني (Cassini) انجڻين ۾.
هن وقت تائين اهڙين راڪيٽي انجڻين جو استعمال ٿيندو رهيو آهي، جيڪي ڪيميائي ٻارڻ استعمال ڪري پنھنجي لاءِ ٿيلھہ اڏام پيدا ڪنديون رهيون آهن، جڏهن تہ اهڙي ٿيلھہ پيدا ڪرڻ جا ٻيا بہ ڪيترائي طريقا ٿي سگهن ٿا. ڪيترن راڪيٽن جون انجڻيون ننڍيون ٿين ٿيون، جھڙوڪ: اپگرهن تائين رسندڙن کي گهڻي ٿيلھہ پيدا ڪرڻ جي ضرورت نہ ٿئي. جڏهن تہ ڪي اهڙيون بہ ٿين ٿيون، جن کي اپگرهن تائين پهچڻ لاءِ ڪو بہ ٻارڻ استعمال ڪرڻ بجاءِ انهن جا نائٽروجن ٿرسٽر (Nitrogen Thrusters) رڳو نائٽروجن گئس استعمال ڪن ٿا. هن قسم جي ٿرسٽرن، اسڪاءِ ليب کي پنھنجي محور ۾ قائم رکيو.
جڏهن تہ هاڻي اهڙين نئين انجڻين تي بہ ڪم هلي رهيو آهي، جيڪي آئنس (Ions) يا ايٽمي جزن (Atomic Particles) رستي انتهائي تيز رفتار سان ٿيلھہ پيدا ڪري سگهندا. ناسا جي ڊيپ اسپيس اها پهرئين خلائي گاڏي هئي، جنهن آئينس واريون انجڻيون استعمال ڪري ٿيلھہ پيدا ڪئي.


لفظ راڪيٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو