راڪيٽ لانچر

راڪيٽ لانچر

راڪيٽ لانچر

راڪيٽ لانچر

راڪيٽ لانچر

راڪيٽ لانچر: هٿيارن جي دنيا ۾ راڪيٽ لانچر هڪ اهڙو اوزار يا مشين آهي، جنهن وسيلي بارودي گولو يا ننڍو ميزائيل مقرر نشاني تي اُڇلايو ويندو آهي.
هٿيارن جي ورڇ يا درجي بنديءَ ۾ راڪيٽ لانچر بہ هڪ خطرناڪ هٿيار آهي، جنهن کي هڪ ڪلهي تي رکي، ان ذريعي گولو يا ميزائل فائر ڪيو وڃي ٿو. ڪو سپاهي جڏهن راڪيٽ لانچر هلائيندو آهي تہ اهڙي راڪيٽ لانچر لاءِ بازوڪا (Bazooka) ٽرم استعمال ڪيو ويندو آهي، جنهن جو مطلب ٽينڪ شِڪن راڪيٽ لانچر آهي. راڪيٽ لانچرن جي قسمن ۾ هڪڙو قسم دستي بم وارو راڪيٽ لانچر بہ آهي، جنهن کي RPG جي نالي سان ڄاتو وڃي ٿو. هيءَ راڪيٽ لانچر توب مار هوندو آهي.
راڪيٽ لانچر سوويت يونين جو ٺاهيل هٿيار آهي، جنهن کي ان خيال کان ٺاهيو ويو تہ جيئن لڙائيءَ دوران تمام گهڻو بارود ۽ هٿيار کڻندڙ ٽئنڪن کي پري کان مار ڪري سگهجي. ان کان سواءِ راڪيٽ لانچر بارودي گاڏين، جنگي هوائي جهازن ۽ هيليڪاپٽرن کي مار ڪري ڪيرائڻ لاءِ بہ استعمال ڪيو ويندو آهي.
هن هٿيار جا مختلف نمونا آهن. زميني جنگ ۾ ٽرانسپورٽر اريڪٽر لانچر(Transporter erector launcher) استعمال ڪندا آهن، جيڪو لاتعداد گولا فائر ڪري سگهي ٿو. ان کي پڪ اپ گاڏي يا مخصوص جنگي گاڏيءَ تي رکي استعمال ڪبو آهي. هن لانچر ذريعي ڪيترا فائر ڪري سگهبا آهن ۽ مختلف قسمن جا گولا/ راڪيٽ لانچر نشاني تي هڻي سگهبا آهن، جنهن ۾ هوائي گولا، پاڻيءَ وارن جهازن تي مار ڪندڙ گولا ۽ جنگي توبن ۽ آبدوزن کي مار ڪندڙ ڳوڙها هوندا آهن. هن قسم جا راڪيٽ لانچر پاڻيءَ وارن جنگي جهازن ۽ آبدوزن ۾ بہ فِٽ ٿيل هوندا آهن.
راڪيٽ لانچر ۾ لانچ پيڊ هوندو آهي، جتي راڪيٽ ڳوڙها ڀري، مقرر نشاني تي مار ڪيا ويندا آهن.
سنڌ ۾ جڏهن ڌاڙيلن خلاف آپريشن ٿيا تہ انهن وٽان ٻين هٿيارن سان گڏ راڪيٽ لانچر بہ هٿ آيا. ڪلهي تي رکي هلائجندڙ راڪيٽ لانچرن جو استعمال قبائلي جهيڙن ۾ بہ ٿيندو رهيو آهي. هن خوفناڪ هٿيار جي استعمال سان ڪيترا گهر اجڙي ويا آهن.


لفظ راڪيٽ لانچرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو