راڳ مالا (ڪلاسيڪل راڳ): هيءُ هڪ بنيادي ڪلاسيڪل راڳ آهي، هن راڳ ۾ ڪل ڇھہ بنيادي راڳ شامل آهن، جن مان هر هڪ کي ڀارجائون زالون، انهن جو اولاد شاخون ۽ اولاد جو اولاد آهي، جيڪو هزارين راڳڻين جي صورت ۾ پکڙيل آهي. هر هڪ جي سرن جي ترتيب، ورتاءَ توڙي سرن جي نرمي (ڪومل) ۽ تيزي (تيور) هڪ راڳڻيءَ کي ٻيءَ کان جدا يا مختلف ڪري ٿي. راڳن ۽ راڳڻين جو هيءُ سلسلو تمام قديم آهي. مختلف وقتن تي ڪن اهم موسيقارن، ٻين ايجادن سان گڏ هن راڳ جي آڌار تي ڪي راڳڻيون ايجاد ڪيون، جيڪي سندن نالن سان موجود آهن. موجودہ صديءَ ۾ محمد رضا خان، راڳ مالا جي مُروج تقسيم ۾ سرن جي ترتيب ۾ ڪن خامين سبب نسلي ۽ شجره دار ترتيب کي ٽوڙي، ان کي ٺاٺن ۾ ورهائي ۽ ڏھہ ٺاٺ ترتيب ڏنائين. انهن ٺاٺن جي آڌار تي شاھہ جي رسالي جو سر رامڪلي سنگيت جي هن سلسلي ۾ ڀيرون ٺاٺ ۾ شامل آهي.