راڻو رتن سنگهہ: رتن سنگهہ'>راڻو رتن سنگهہ، راڻي انندسنگهہ جو پٽ ۽ راڻي مهراج جو سؤٽ هو. 1843ع تي سنڌ تي قبضو ڪرڻ کانپوءِ انگريزن ٿرپارڪر جي پارڪر، ڏيپلي، مٺي ۽ اسلام ڪوٽ وغيرہ وارا حصا، ڪڇ جي اسسٽنٽ پوليٽيڪل ايجنٽ جي هٿ ۾ ڏنا هئا ۽ گڍڙي، ڇاڇري، چيلهار ۽ ٿر جي باقي حصي کي، عمرڪوٽ سوڌو حيدرآباد سان ملايو ويو هو. ٻنهي حصن ۾ سوڍن جا راڄ هئا، جيڪي خودمختيار حيثيت ۾ سرڪار کي ڍلون وغيرہ نہ ڏيندا هئا. راڻو مهراج، مصلحت پسند ۽ گهٽ طاقتور هو، جنهن انگريزن کي 1844ع ڌاري درخواست ڏئي ڍلون وغيرہ معاف ڪرايون هيون، جڏهن تہ راڻي ڪرڻ جي، اُڌيسنگهہ سوڍي ۽ روپلي ڪولهيءَ پنھنجي ساٿين سميت 1959ع تائين انگريزن جي اقتدار کي تسليم نہ ڪيو هو، ۽ ساڻن ويڙهاند ۽ بغاوت جاري رکي. سرڪاري آفيسن ۽ ٿاڻن کي باهيون ڏنيون ۽ ڍلن ڏيڻ ۽ سرڪاري حڪمن کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. 1858ع ۾، ٿر جو حيدرآباد سان ملايل حصو، پوليٽيڪل سپرنٽينڊنٽ، ليفٽيننٽ ڪرنل تروٽ جي هٿ ۾ 1873ع تائين رهيو، جڏهن تہ سندس هيڊڪوارٽر عمرڪوٽ هو. 1859ع ۾ باغي سوڍن، روپلي ۽ ان جي ساٿين مڏي ۽ ڏجي جي شهادتن کانپوءِ، انگريزن سموري ٿرپارڪر ۾ سوڍن/ راڻن کان ڍلون اوڳاڙڻ شروع ڪيون ۽ مٿن لائسنس کان سواءِ هٿيارن رکڻ تي پابندي وجهڻ سان گڏ راڻن کي ڏنل سهولتون واپس ورتيون. ان روش تي راڻو مهراج، پنھنجي صلح پسند طبيعت سبب خاموش رهيو، پر سندس سؤٽ رتن سنگهہ'>راڻو رتن سنگهہ، جيڪو دلير ۽ حشمت وارو شخص هو، اُن انگريزن جا بي واجبي حڪم ۽ قاعدا مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هن راڻن جي خودمختيار حيثيت جي بحاليءَ لاءِ ماڻهن کان ڍلن جي زوريءَ وصولي ۽ زمينن تي انگريزن جي قبضي خلاف بغاوت ڪئي ۽ انگريزن ۽ سندن حامين خلاف ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون. هن ماڻهن کي ’راڻن جو پراڻو قانون‘ مڃڻ ۽ انگريزن جا حڪم نہ مڃڻ لاءِ ڀڙڪايو. انگريز عملدار ڪرنل تروٽ کيس ريبڻ ۽ ريجهائڻ لاءِ ڪيترائي ڄار وڇايا، پر هي باز نہ آيو ۽ پنهنجون ڪارروايون جاري رکيائين. هڪ وقت پنھنجي هڪ دوست جي خاطريءَ تي رتن سنگهہ'>راڻو رتن سنگهہ تروٽ سان ڳالهين لاءِ بہ راضي ٿيو. انگريز عملدار راڻن کي عمرڪوٽ ڀرسان جاگير ڏيڻ ۽ ڪسٽم ڊيوٽيءَ جي اوڳاڙيءَ مان سالياني رقم ڏيڻ جو وعدو ڪيو، پر راڻي رتن سنگهہ اهڙين رعايتن وٺڻ ۽ انگريزن جي قانون مڃڻ کان نابري واري ڇڏي. ان کانپوءِ انگريزن ڍل اوڳاڙيءَ جو مقاطعو راڻن کان ختم ڪري، سيد محمد علي شاھہ نالي پنھنجي هڪ وفادار شخص کي ڏنو، جنهن ڍل اوڳاڙيءَ جي سلسلي ۾ ماڻهن تي بيحد سختي ڪئي. ماڻهن جون شڪايتون جڏهن راڻي رتن سنگهہ تائين پهتيون تہ هن ماڻهن کي منع ڪري ڇڏي تہ سرڪاري ماڻهوءَ کي ڪنهن بہ صورت ۾ ڍل نہ ڏني وڃي. ان تان سيد محمد علي شاھہ ۽ راڻي رتن سنگهہ ۾ ناسازي وڌي وئي، ٻنهي جي وچ ۾ ويڙھہ ٿي ۽ محمد علي شاھہ راڻي رتن سنگهہ هٿان قتل ٿي ويو. انگريزن پنھنجي وفادار شخص جي قتل جو ٻڌي، راڻي رتن سنگهہ جي گرفتاريءَ لاءِ پوليس جو وڏو اٽالو ڏياري موڪليو ۽ ڏيهي رياستن کي خط لکي موڪليا تہ راڻي کي گرفتار ڪيو وڃي. رتن سنگهہ'>راڻو رتن سنگهہ، پنھنجي وفادار گهوڙيءَ تي سوار ٿي جوڌپور طرف روانو ٿيو ۽ عمرڪوٽ کان اٽڪل سؤ ڪوهن جي پنڌ تي ٿڪ سبب گهوڙيءَ تان لهي، گهوڙيءَ کي وڻ سان ٻَڌي، ڀرسان ليٽي پيو. اوچتو پوليس جي آسپاس چرپر ڏسي گهوڙي هڻڪارڻ ۽ دڙها هڻڻ لڳي. راڻي سجاڳ ٿي آسپاس نهاريو، تہ کيس ڪجهہ نظر نہ آيو ۽ وري بي اونو ٿي سمهي پيو. ترت پوليس اچي پهتي ۽ کيس ننڊ ۾ ئي گرفتار ڪري ورتائون. کيس ڪرنل تروٽ وٽ پيش ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ راڻي رتن سنگهہ کي عمرڪوٽ جي قلعي ۾ قيد ڪري سندس ڪيس سرڪار کي موڪليو ويو، جتان حڪم پهتو تہ راڻي رتن سنگهہ کي عمرڪوٽ جي قلعي ۾ ڦاسي ڏني وڃي. تيج سنگهہ سولنڪيءَ، پنھنجي ڪتاب ’امرڪوٽ: سنڌ جو اتهاس‘ ۾ لکيو آهي تہ: ”چيو وڃي ٿو تہ کيس (راڻي رتن سنگهہ کي) ڦاسي چاڙهڻ کان ٿورو اڳ سرڪاري تار پهتي تہ راڻي رتن سنگهہ کي ڦاسي نہ ڏني وڃي، پر اها تار هلنديءَ وارن [انگريزن جي وفادار] برهمڻن [۽ انتظاميہ] ان وقت تائين روڪي ڇڏي، جيستائين راڻي رتن سنگهہ کي ڦاسيءَ تي لٽڪايو ويو، پوءِ جڏهن اُها تار تروٽ کي پهچائي وئي تہ هن کي بيحد ڏک ٿيو.“ (ص: 70)
راڻي رتن سنگهہ کي 1886ع ۾ ڦاسي ڏني وئي هئي. سندس گهوڙيءَ لاءِ چون ٿا (جيڪا ڳالھہ اڳوڻي ٽئين ڪلاس جي ڪتاب ۾ بہ ڏنل آهي) تہ راڻي جي گرفتاريءَ کانپوءِ سندس گهوڙي بہ ضبط ڪري نيلام ڪئي وئي هئي، جيڪا هڪ سوناري خريد ڪئي هئي. سوناري گهوڙيءَ جي ڪافي خدمت ڪئي ۽ کيس کائڻ لاءِ جام داڻو ۽ گاھہ ڏنو، پر گهوڙيءَ راڻي رتن سنگهہ جي غير موجودگيءَ ۾ کاڌو پيتو ڇڏي ڏنو ۽ نيٺ سوناري جي گهران رسو ڇنائي ڀڳي ۽ عمرڪوٽ جي قلعي چڙهڻ جي ڪوشش ڪندي ڦٿڪندي مري وئي. اڃا تائين عمرڪوٽ جي قلعي جي مکيہ دروازي جي برج تي گهوڙيءَ جي انهيءَ سُنب جو نشان ڏسڻ ۾ اچي ٿو. (حوالو: ’امرڪوٽ جو اتهاس‘، ص: 74)
عوامي شاعرن راڻي رتن سنگهہ جي شان ۾ ڪيترا لوڪ گيت چيا، جيڪي اڄ بہ اُن علائقي ۾ مشھور آهن، جھڙوڪ:
مهارا رتن راڻا ايڪر سو امراڻي گهوڙو ڦير،
امراڻي ۾ ٻولي سوها مور، هو جِي هو!
-
امراڻي ۾ گهور انڌار، هان ري مهارا سوڍا راڻا،
امراڻي ۾ هو گهور انڌار، هو جِي هو!