راڻو روپاڙسنگهہ: راڻو روپاڙسنگهہ يارهين عيسوي صديءَ جي آخر ڌاري ڪيرٽيءَ جو سردار هو. ڪيرٽيءَ جا کنڊرات مٺي شھر کان چوڏهن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي مٺي، ڏيپلو روڊ ويجهو واقع آهن. ڪيرٽيءَ جو شھر ريڻي نديءَ جي ڪناري تي هو، جيڪا ندي ٿر ۾ ڪنهن وهڪري جي شاخ هئي ۽ وقت سان گڏ مٽجي وئي. راڻو روپاڙسنگهہ ڪيرٽي شھر جو ڪيتري عرصي تائين حاڪم رهيو. راڻي روپاڙسنگهہ جي دور ۾ ڪيرٽيءَ جي شھر جي وڏي آبادي هئي ۽ شھر ۾ چڱي بازار پڻ هوندي هئي. روايت آهي تہ هن جوتشينجي ڦند ۾ اچي پنھنجي نئين ڄاول ڌيءَ کي جهنگ ۾ ڦٽو ڪيو هو، جنهن جي پالنا هڙونت ڪنڀار ڪئي ۽ اها راڻڪ ديويءَ جي نالي سان مشھور ٿي، جنهن تان راڻي سڌراج ۽ راءِ کنگهار جي وچ ۾ جنگ لڳي، جيڪا ٻارنهن سال جاري رهي، جنهن جي مدنظر راڻي سڌراج ٻيجل هٿان راءِ کنگهار جو سر قلم ڪرايو.