راڻو هميرسنگهه

راڻو هميرسنگهه

راڻو هميرسنگهہ

راڻو هميرسنگهہ: نامور سياستدان ۽ ڍٽ جي ڇويهين راڻي هميرسنگهہ جو تعلق عمرڪوٽ ضلعي جي ڳوٺ راڻا جاگير سان آهي. سندس والد راڻي چندرسنگهہ جي وفات بعد کيس ڍٽ جو ڇويهون راڻو چونڊيو ويو. سندس تاج پوشيءَ جي رسم ٿر جي مشھور شھر مٺيءَ ۾ ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي ڏورانهن علائقن مان هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو شريڪ ٿيا. راڻو همير سنگهہ 1993ع ۾ سنڌ سرڪار جو صوبائي صلاحڪار ۽ 1996ع ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تان سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو. عمرڪوٽ ضلعي جو نائب ناظم ٿي رهيو. ٿر ۽ عمرڪوٽ جـا مـاڻهـو راڻي هـمـيـر سـنگهہ وٽ پنهنجا مسئـلا کـڻي ايـندا آهن. همير سنگهہ کي سنڌي، راجسٿاني، ڍاٽڪي، گجراتي، انگريزي ۽ اردو زبانن تي عبور حاصل آهي. هي اڪثر طور سياسي جلسن ۾ سنڌي ۽ ڍاٽڪي ٻولين ۾ تقريرون ڪندو آهي. راڻي همير سنگهہ، ٿر ۽ عمرڪوٽ جي عوام جي وڏي خدمت ڪئي آهي ۽ سندن ڀلائي ۽ بهبوديءَ جا ڪيترا ڪم ڪيا آهن.


لفظ راڻو هميرسنگهہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو