راڻو ڏهرو: ’تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دؤر‘ ۾ غلام رسول مهر ڄاڻائي ٿو ته: ”راڻو ڏهرو وڏو سخي ۽ بهادر سردار هو. راڻي ڏهري ۽ ڄام چيني خان جا ڪوڇا درياهه جي ٻنهي پاسن تي آمهون سامهون هوندا هئا. هڪ دفعي امير چيني خان جو هڪ پاڏو درياهه لنگهي راڻي ڏهري جي ڪوڇي ۾ چرڻ ويو، راڻي ڏهري پاڏي کي جهلرائي پاڻ وٽ بيهاري ڇڏيو. عبدالله داروغي اهو سمورو واقعو امير چيني کي وڃي ٻڌايو، ڳالهه ٻڌندي ڄام چيني کي ڄڻ باهه لڳي وئي ۽ ڏهري کان بدلو وٺڻ جو قسم کڻي موقعي جي تلاش ۾ رهيو. اتفاقاً هڪ ڏينهن کيس پتو پيو ته راڻي ڏهري جي ڌيءَ روز پنهنجين سهيلين سان گڏ درياهه تي سير لاءِ ايندي آهي، اهو ٻڌي چينو خان ڏاڍو خوش ٿيو ۽ وجهه وٺي هڪ ڏينهن درياهه جي ٻئي پاسي ٽپي آيو ۽ راڻي ڏهري جي نياڻيءَ کي اغوا ڪري پاڻ وٽ قيد ۾ رکيائين. اها خبر جڏهن راڻي ڏهري کي پئي، تڏهن هن ڪوريجا، سهتا، دل، اڍيجا، برفت، نومڙيا، ڪرمتي (ڪلمتي)، کهاوڙ، جاڙيجا، جوکيا، لاسي، ٿهيم ۽ ٻين قبيلن جي سردارن کان مدد گهري، پر سڀني چيني خان سان مقابلي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، آخر راڻي ڏهري مجبور ٿي، پنهنجي نياڻيءَ جي عزت بچائڻ خاطر ڄام چيني کي خط لکيو، جنهن کان پوءِ امير چيني ڇوڪريءَ کي راڻي ڏهري ڏانهن واپس موڪليو ۽ راڻي ڏهري عزت بچائڻ خاطر پنهنجي نياڻيءَ جي شادي امير چيني سان ڪري ڇڏي. هيءَ به روايت آهي ته جڏهن راڻو ڏهرو پنهنجي ڌيءُ کي وٺڻ لاءِ چيني خان وٽ پيش پيو ته راڻي ڏهري کي پنهنجي ڌيءَ چيو ته آءُ توهان سان هلڻ جي لائق نه آهيان، جنهن کان پوءِ راڻي ڏهري مجبور ٿي پنهنجي ڌيءَ جي شادي چيني سان ڪئي. روايت آهي ته دائودپوٽا ۽ ڪلهوڙا انهيءَ چيني خان جو اولاد آهن.