راڻو ڏهرو: ’تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دؤر‘ ۾ غلام رسول مھر ڄاڻائي ٿو تہ: ”راڻو ڏهرو وڏو سخي ۽ بھادر سردار هو. راڻي ڏهري ۽ ڄام چيني خان جا ڪوڇا درياھہ جي ٻنهي پاسن تي آمهون سامهون هوندا هئا. هڪ دفعي امير چيني خان جو هڪ پاڏو درياھہ لنگهي راڻي ڏهري جي ڪوڇي ۾ چرڻ ويو، راڻي ڏهري پاڏي کي جهلرائي پاڻ وٽ بيهاري ڇڏيو. عبدالله داروغي اهو سمورو واقعو امير چيني کي وڃي ٻڌايو، ڳالھہ ٻڌندي ڄام چيني کي ڄڻ باھہ لڳي وئي ۽ ڏهري کان بدلو وٺڻ جو قسم کڻي موقعي جي تلاش ۾ رهيو. اتفاقاً هڪ ڏينهن کيس پتو پيو تہ راڻي ڏهري جي ڌيءَ روز پنهنجين سهيلين سان گڏ درياھہ تي سير لاءِ ايندي آهي، اهو ٻڌي چينو خان ڏاڍو خوش ٿيو ۽ وجهہ وٺي هڪ ڏينهن درياھہ جي ٻئي پاسي ٽپي آيو ۽ راڻي ڏهري جي نياڻيءَ کي اغوا ڪري پاڻ وٽ قيد ۾ رکيائين. اها خبر جڏهن راڻي ڏهري کي پئي، تڏهن هن ڪوريجا، سهتا، دل، اڍيجا، برفت، نومڙيا، ڪرمتي (ڪلمتي)، کهاوڙ، جاڙيجا، جوکيا، لاسي، ٿھيم ۽ ٻين قبيلن جي سردارن کان مدد گهري، پر سڀني چيني خان سان مقابلي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، آخر راڻي ڏهري مجبور ٿي، پنھنجي نياڻيءَ جي عزت بچائڻ خاطر ڄام چيني کي خط لکيو، جنهن کان پوءِ امير چيني ڇوڪريءَ کي راڻي ڏهري ڏانهن واپس موڪليو ۽ راڻي ڏهري عزت بچائڻ خاطر پنھنجي نياڻيءَ جي شادي امير چيني سان ڪري ڇڏي. هيءَ بہ روايت آهي تہ جڏهن راڻو ڏهرو پنھنجي ڌيءُ کي وٺڻ لاءِ چيني خان وٽ پيش پيو تہ راڻي ڏهري کي پنھنجي ڌيءَ چيو تہ آءُ توهان سان هلڻ جي لائق نہ آهيان، جنهن کان پوءِ راڻي ڏهري مجبور ٿي پنھنجي ڌيءَ جي شادي چيني سان ڪئي. روايت آهي تہ دائودپوٽا ۽ ڪلهوڙا انهيءَ چيني خان جو اولاد آهن.