راڻو 2

راڻو 2 (راڳڻي): سنڌ ۾ لوڪ ڪهاڻي مومل راڻي تي شاهه لطيف هڪ مڪمل سُر مومل راڻو لکيو آهي، جنهن لاءِ ’راڻو‘ راڳڻي مخصوص آهي.
راڻو راڳڻي سنڌي موسيقيءَ ۾ خاص اهميت واري راڳڻي آهي. سنگيت وديا ۾ استاد منظور علي خان جي سند سان راڻي کي مقامي نالو هوندي به ديسي ۽ نارائڻ جي مماثلت ۽ مطابقت رکندڙ راڳڻي ڄاڻايو ويو آهي. شاهه جي رسالي ۾ به هڪ سر ديسي، سسئي جي بيان ۾ موجود آهي ۽ اهو ديسيءَ ۾ مرتب ٿيل آهي. ديسي جي ڪيفيت هيءَ آهي ته ان ۾ ٻئي ڌيوت ۽ گنڌار، نکاد ڪومل، باقي سڀ سر شڌ آهن. آروهيءَ ۾ گنڌار ۽ ڌيوت ورج آهن، جڏهن ته امروهيءَ ۾ فقط نکاد ورج آهي. هن جي ٺاٺ، آساوري ۽ ورن، اوڍو آهن. هن جي خاص تان، سا ري ما پا گا ري سا ري ني ني سا آهي. وادي سر پنچم ۽ سموادي سر رکب آهي. جڏهن ته آروهي، سا ري ما پا ڌا ني سا اٿس ۽ امروهي سا پا ڌا ما پا ما ڌا اٿس. شاهه جي موسيقيءَ جي سرن جو ڄاڻو ۽ محقق عبدالجبار جوڻيجو انهيءَ خيال سان اتفاق ڪري ٿو، جڏهن ته سيد منظور نقوي لکي ٿو ته سُر راڻي جي آروهي: سا ري ما پا ڌا سا ۽ امروهي: سا ني ڌا پا ما گا ري سا آهي. سندس چوڻ موجب ڌيوت تيور ڪومل ٻئي لڳن ٿا. هن جي شڪل به ڪوهياريءَ وانگر آهي، جيڪا مٿين سُرن ۾ وڌيڪ ظاهر ٿئي ٿي. هن راڳ جا لهرا نڙ، بينن، دنبوري ۽ ڪينري تي سٺا لڳن ٿا. هن راڳڻيءَ جو آلاپ ڏکارو ٿئي ٿو. الياس عشقي صاحب هن راڳڻيءَ کي وڪر سمپورن سڏيندي، سر نارائڻي ۽ عشاق جو ميلاپ سڏيو آهي ۽ هن کي ڪافي ٺاٺ جي راڳڻي لکيو آهي، جنهن جي آروهيءَ ۾ گنڌار، وڪر لڳندو آهي. هن راڻي کي ديسي ٽوڙي ۽ سنڌڙي سان مشابهه رکيو آهي. هن راڳڻيءَ کي رات جي ٻن پهرن کان پوءِ ڳايو ويندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو