راڻو 3 (لوڪ گيت): راڻو لوڪ گيت سنڌ جي مشھور رومانوي داستان ’مومل راڻي‘ تي مبني آهي. هي گيت ٿرپارڪر واري ڀاڱي ۾ رائج آهي. برسات جي موسم ۾ جڏهن چؤ طرف ساوا گاھہ ڦٽندا آهن ۽ چوپايو مال ڀٽن تي چرندو ڏسبو آهي تہ مومل راڻي مينڌري کي ياد ڪري کيس ڪي قاصد موڪلي ٿي تہ: اي ”راڻا! برسات جي موسم ۾ هي وڻندڙ راتيون، مون کان جدائيءَ ۾ گذاريون نہ ٿيون ٿين، تنهنڪري قاصد پهچڻ شرط هليو اچ.“ هن گيت جو مضمون مومل راڻي جي ان واقعي ڏانهن اشارو ڪري ٿو تہ راڻو مومل کان رٺل آهي.محبت ۾ محبوب سان ملاقات جي جذبن تي مشتمل هيءُ گيت ٿري ٻوليءَ ۾ چيل آهي. عام طرح گيت برسات واري موسم ۾ ڳايو ويندو آهي:
راڻو هيرو هلايو، چونرا تان آهن ويھہ،
راڻل! ڀيڄ ڀنيءَ رات، سوڍل ڀيڄ ڀني رات!
[راڻي هيرو موڪليو، چونرا ويھہ آهن،
راڻا ڀيڄ ڀنيءَ رات آهي.]
مگري تان وٺا مينهن، ڌوري ڊامڻ ڌُونڌڙيو
]ڀٺن تي مينهن وٺو، ڀٽن تي ڊامڻ گاھہ اُڀريو [