راڻي آتمارام گدواڻي

راڻي آتمارام گدواڻي: مشهور فنڪاره راڻي آتمارام گدواڻيءَ جو جنم، 29 جولاءِ 1933ع تي حيدرآباد شهر ۾ ٿيو. ورهاڱي بعد خاندان سان گڏ هندستان هلي وئي. کيس ننڍپڻ کان وٺي موسيقيءَ سان چاهه هو. هن ڀارت جي سڀني ٻولين ۾ ڳائي خوب داد حاصل ڪيو. هيءُ آل انڊيا ريڊيو جي ڪيتري عرصي تائين انائونسر پڻ رهي. هن سهڻي ميهار بئلي فلم ۾ ڪجهه گيت پڻ ڳايا. هوءَ پنهنجي آواز ذريعي سنڌ سان محبت جو اظهار ڪندي رهي آهي. سندس آواز ۾ ڪيترا گيت انڊيا جي مختلف ريڊيو اسٽيشنن تان نشر ٿيندا رهن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1933.07.29  عيسوي

مشهور فنڪاره راڻي آتمارام گدواڻيءَ جو جنم، 29 جولاءِ 1933ع تي حيدرآباد شهر ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خواجه محمد طاهر بخشي نقشبندي
ڄام ڪرن
امو کٽي
سيد غلام حيدر شاھ
خان محمد بروهي 2
ڇاٻڙيا موهن
دلير دِل خان
جتوئي وحيد
درس عليم فقير
شيخ پريو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون