راڻي آتمارام گدواڻي

راڻي آتمارام گدواڻي: مشھور فنڪارہ راڻي آتمارام گدواڻيءَ جو جنم، 29 جولاءِ 1933ع تي حيدرآباد شھر ۾ ٿيو. ورهاڱي بعد خاندان سان گڏ هندستان هلي وئي. کيس ننڍپڻ کان وٺي موسيقيءَ سان چاھہ هو. هن ڀارت جي سڀني ٻولين ۾ ڳائي خوب داد حاصل ڪيو. هيءُ آل انڊيا ريڊيو جي ڪيتري عرصي تائين انائونسر پڻ رهي. هن سھڻي ميهار بئلي فلم ۾ ڪجهہ گيت پڻ ڳايا. هوءَ پنھنجي آواز ذريعي سنڌ سان محبت جو اظهار ڪندي رهي آهي. سندس آواز ۾ ڪيترا گيت انڊيا جي مختلف ريڊيو اسٽيشنن تان نشر ٿيندا رهن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1933.07.29  عيسوي

مشهور فنڪاره راڻي آتمارام گدواڻيءَ جو جنم، 29 جولاءِ 1933ع تي حيدرآباد شهر ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀورو مل ڪولهي وڪيل
بسنت فقير زوار
جـيـن جـيـڪس روسـو
ڏاهري محمد ادريس
فرزانہ پنهور
جهمون ڇڳاڻي
عطر خان ڪلهوڙو
غلام قاسم ڪلهوڙو خليفو
حمود الرحمان جسٽس
چوراسيا هري پرساد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون