راڻي جي ريل ۾ ڪو گدرو ڪچو ڪو پڪو (راند): هن راند ۾ هڪڙو واپاري ۽ ٻيو گدرو وڪڻڻ وارو، هڪ مالهي ۽ ٻيا سڀ ڇوڪرا اونڌي منهن گدرو ٿي سمهندا آهن. پوءِ واپاري چوندو آهي:
ڪانءَ ڙي ڪانءَ! سي سمر ٻڌان، ماهيو کير پيان،
راڻي جي ريل ۾ ڪو گدرو ڪچو، ڪو پڪو؟
مالهي چوندو آهي: گدرا سڀئي ول ۾ پيا آهن، ڏسي وائسي چونڊي کڻ. پوءِ واپاري هر ڇوڪر جي پٺ تي لت رکي زور ڏيندو، جنهن ڇوڪري وڏي رڙ ڪئي تہ چوندو: ”هيءُ تہ ول ۾ ڪچو پتو آهي”، جنهن ڪنجهہ ڪيائين تہ چوندو: ”هيءَ ڪڪوريل آهي“ جنهن وڏو ساھہ کنيو تہ چوندو: ”هيءُ ڪُرٽ آهي.“ ڪنهن زور سان ڪنڌ مٿي کنيو تہ چوندو هي ”سرٽ آهي“، جيڪو نہ چريو ۽ نہ ئي ڪا دانهن ڪئي تہ چوندو ”هي آهي پڪو گدرو، ول مان ڇني ڌار ڪر.“ ائين اهو ڇوڪر ٻاهر بيهندو ۽ وري نئين سر کان جهُڪيل ڇوڪرن تي زور ڏيڻ شروع ڪندو. تان جو راند وڃي ختم ٿيندي. هن راند ۾ زور برداشت ۽ ساھہ سُڪ ڪرڻ جي عادت ٿي پوندي آهي. هيءَ راند گهڻو ڪري ڇوڪرا يا ڇوڪريون چانڊوڪي راتين ۾ کيڏندا آهن.