راڻي سونهن ديوي: چندر ونسي راجائن مان راءِ گهراڻي جو آخري راجا راءِ سهاسي هو، جيڪو ٻڌمت جو پوڄاري هو، سندس بادشاهيءَ ۾ رعيت آسودي هئي ۽ سنڌ هڪ مضبوط ۽ خوشحال ملڪ هو. سندس اتر ۾ ڪشمير، قنڌار، هلمند تائين، ڏکڻ ۾ سورت ۽ اوڀر ۾ چتوڙ ڳڙھہ تائين سرحد هئي. ان دؤر ۾ راءِ سهاسي وٽ هڪ وزير رام حاجب هو، جنهن هڪ برهمڻ زادي چچ بن سيلائج کي پاڻ وٽ لک پڙھہ لاءِ رکيو هو. چچ، جنهن کي چار ئي ويد ياد هئا، سو وزير ’رام‘ جي مرڻ کانپوءِ وزير ٿيو ۽ پاڻ ئي سرڪاري ڪاغذ، شاهي محلات تائين پهچائيندو هو. چچنامي ۾ اچي ٿو تہ هڪ ڏينهن راءِ سهاسيءَ جي راڻي سونهن ديويءَ (سُھندي يا سوهنديءَ) چچ کي ڏٺو ۽ ان تي عاشق ٿي پئي. راز و نياز جون ڳالهيون وڃي دوستيءَ ۽ شاديءَ تي پهتيون. ٻين کاتن جا برهمڻ عملدار بہ هن راز ۾ چچ سان شريڪ حال هئا. انهن چاهيو ٿي تہ چچ شادي ڪري، پر چچ هن ڪم ۽ بادشاھہ سان غداري ڪرڻ کان بنھہ انڪار ڪري ڇڏيو، پر آخر مجبوراً اهو طئي ٿيو تہ جيستائين راءِ سهاسي جيئرو آهي، اهو ڪم نہ ٿيندو. جڏهن راءِ سهاسيءَ لاڏاڻو ڪيو تہ سونهن ديويءَ پهريائين سهاسيءَ جي موت جي خبر ماڻهن کان لڪائي صلاح ۽ مصلحت جي بهاني سان سهاسيءَ جي مائٽن کي گهرائي انهن کي قيد ڪرايو، اختلاف رکندڙن کي قتل ڪرايائين ۽ ٻين عملدارن ۽ حڪومت جي دعويدارن کي ڌمڪائي انهن کي مجبور ڪري چچ جي تابعداري ڪرايائين. بعد ۾ مڙس جي فوت ٿيڻ جي خبر ظاهر ڪري چالاڪيءَ سان چچ کي تخت تي ويهاريائين. هيءَ ڳالھہ راءِ سهاسيءَ جي مائٽ چتور جي راجا راڻي مهرت (جنهن کي تاريخ ۾ ڪن راءِ سهاسيءَ جو ڀاءُ سڏيو آهي) کي نہ وڻي، اهو وڏو لشڪر وٺي جنگ لاءِ آيو. راڻو مهرت جڏهن اروڙ جي ويجهو آيو، تڏهن چچ ڊڄي ويو ۽ جنگ ڪرڻ کان ڊڄي اچي راڻي سونهن ديويءَ وٽ پناھہ ورتائين. تنهن تي سونهن ديويءَ کيس مهڻو ڏيڻ سان گڏ، جنگ ڪرڻ جي صلاح ڏيندي چيو تہ يا تون جنگ ڪر يا منهنجي جاءِ تي ويھہ ۽ پنهنجا ڪپڙا مون کي ڏي تہ مان ٿي جنگ ڪريان. اهڙيءَ طرح چچ کي غيرت ڏياري جنگ لاءِ تيار ڪرايائين. جنهن کانپوءِ چچ جنگ ڪرڻ لاءِ نڪتو ۽ جنگ ۾ فتح حاصل ڪيائين. اهڙيءَ طرح راڻي سونهن ديويءَ پنھنجي آس پوري ڪـئـي. چچ کي راڻي سونهن ديـويءَ مان ٻہ پٽ راجا ڏاهــر، ڏهـرسيـنه ۽ هڪ ڌيءَ مايين ٿيا. ڪن تاريخن ۽ روايتن ۾ راءِ سهاسيءَ جي وقت ۾ راڻي سوهنديءَ واري عشق کي افسانو ڪوٺيو ويو آهي، پر مڙس جي وفات بعد ملڪ جي سلامتيءَ واري مصلحت سبب سندس چچ سان شادي بيان ڪئي وئي آهي.