راڻي لاڏي

راڻي لاڏي: راڻي لاڏي، راجا ڏاهر جي پَٽ راڻي هئي، جيڪا عرب لشڪر هٿان گرفتار ٿيڻ کان پوءِ ڪن تاريخن ۾ اچي ٿو ته محمد بن قاسم نڪاح ۾ آندي هئي. چچ نامي ۾ کيس ’اُم ولد‘ جو نالو ڏنو ويو آهي، جنهن جو مطلب اهڙي ٻانهي آهي، جنهن مان مالڪ کي ڪو اولاد ٿيو هجي، پر راڻي لاڏيءَ کي ابن قاسم مان ڪو به اولاد نه ٿيو هو. ڪن روايتن ۾ اچي ٿو ته راڻي لاڏيءَ سان محمد بن قاسم شادي نه ڪئي هئي، پر هوءَ ڏاگهه چڙهي هئي. هُن جي عرب فوج هٿان گرفتار ٿيڻ بابت تاريخن جا مختلف ڪتاب جُدا جُدا احوال ڏين ٿا، پر ان تي سڀ کان وڌيڪ جامع ذڪر مولانا عبدالحليم شرر پنهنجي ڪتاب ’ سنڌ جي تاريخ‘ ۾ ڪيو آهي.
راجا ڏاهر جي 10 رمضان 93هه/ 20 جون 712ع ۾ سنڌ وطن کي بچائيندي، قربان ٿي وڃڻ کان پوءِ راڻي لاڏي ڪنهن ٻئي شهر ڏانهن وڃڻ بدران برهمڻ آباد ۾ پنهنجن عزيزن سان گڏ رهي پئي، هُن عرب فوج سان مزاحمت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جيئن پنهنجي وطن، گهر ۽ ٻارن جي حفاظت ڪري سگهي. ان لاءِ هن وڏي سخا جو مظاهرو ڪندي پنهنجي ڌن ۽ دولت جا دروازا سنڌ ملڪ جي سپاهين لاءِ کولي ڇڏيا، ته جيئن فوج جي همت افزائي ٿئي، ان ريت هن هڪ ننڍو لشڪر پڻ ترتيب ڏنو، پر هوءَ ڪا وڏي مزاحمت نه ڪري سگهي، ڇاڪاڻ ته برهمڻ آباد جي قلعي تي عربن جي اوچتي هلان بعد قبضو ٿي ويو، تڏهن هن ڏاگهه چڙهي مرڻ جو ارادو ڪيو، پر ڪاٺين جي اڙاهه ٻارڻ کان اڳ ئي هُو گرفتار ٿي پئي. سندس گرفتاري ان وقت ممڪن ٿي هئي، جڏهن هڪ هزار برهمڻ، ڀرون ڪوڙائي، گيڙو ڪپڙا پائي، جيئدان لاءِ ابن قاسم وٽ وڃي پيش پيا هئا ۽ هن کانئن راجا ڏاهر جي ويجهن عزيزن جو پڇيو هو.
مولانا شرر ابن قاسم سان راڻي لاڏيءَ جي نڪاح جا سبب ڄاڻائيندي لکيو آهي ته ”ڪٿان به اهو پتو نٿو پوي ته ڪو نوجوان ابن قاسم هن وڏي ڄمار واري راڻيءَ جي حسن يا ڪنهن ادا کان متاثر ٿيو هجي، جڏهن ته مال غنيمت ۾ هن کان وڌيڪ حسين ۽ نازن سان پليل شهزاديون ۽ دل کي ڪشش ڪندڙ ڪنواريون موجود هيون.“
مولانا شرر، ابن قاسم سان سندس نڪاح جا رڳو ٻه ڪارڻ ڄاڻايا آهن. ”هڪ ته هُن اسلام ڏانهن رغبت ڏيکاريندي اسلام قبول ڪيو هجي، ٻيو ته هوءَ سابق سنڌ جي راڻي هئي ۽ ابن قاسم جي هن کي پلو نه ڏيڻ سان هوءَ هڪ ڏکويل ٻانهي بڻجي باقي زندگي گذاري ها.“
جڏهن ته حقيقت اها هئي ته ان دؤر ۾ مفتوح ٿيل حڪمرانن جا حرم فاتح حڪمرانن جي حرم ۾ داخل ڪيا ويندا هئا ۽ انهن جي اميرن، وزيرن ۽ عوام مان هٿ ڪيل ڪنيزون ۽ غلام ۽ ٻي دولت فاتح اميرن ۽ سپاهه ۾ تقسيم ٿيندي هئي. ان ڪري ابن قاسم، راجا جي زال ’راڻي لاڏيءَ‘ کي پنهنجي حرم ۾ داخل ڪيو، جيڪو ان دور جو دستور هو.
انهن ڏينهن ۾ راجا ڏاهر جو پٽ گوپي اروڙ جي ماڻهن کي وڏيون دلداريون ڏئي رهيو هو ته ”راجا ڏاهر زنده آهي ۽ هڪ وڏو لشڪر وٺي اچڻ وارو آهي.“ ابن قاسم انهي افواهه کي ماٺو ڪرڻ لاءِ پنهنجي اعتماد وارن ماڻهن جي ميڙ سان گڏ، راڻي لاڏيءَ کي انهيءَ ساڳئي ڳاڙهي اٺ تي ڪجاوي ۾ ويهاري، کيس قلعي جي برجن کان هيٺ موڪليو، جنهن اُٺ تي هوءَ راجا ڏاهر واري زماني ۾ ٻاهر نڪرندي هئي، مقصد اِهو هو ته راڻي لاڏيءَ ڳاڙهي اُٺ تي قلعي کان ٻاهر نڪري ته ماڻهو کيس ڏسي خاموش ٿي وڃن. هڪ ٽولي قلعي جي ڀت تي چڙهي آئي، راڻي لاڏيءَ پنهنجو گهونگهٽ لاٿو ۽ چيو ”مون کي سڃاڻو! آءٌ لاڏي آهيان، راجا ڏاهر جي راڻي، راجا مارجي ويو آهي ۽ سندس سِسي عراق اماڻي وئي آهي، بادشاهي جهنڊو ۽ ڇَٽُ خليفي وٽ وڃي پهتا آهن.“ ايترو چئي راڻي لاڏي دانهن ڪري ڏاڍو رني، ۽ هڪ دکدائڪ ’اوسارو‘ (مرثيو) پُر سوز آواز ۾ اُٺ تي ويٺي پڙهيائين.
قلعي وارن سمجهيو ته هوءَ پڪ عربن سان ملي وئي آهي ۽ انهن ڏانهس ڪو خاص ڌيان نه ڏنو. ابن قاسم کي اهو سڀڪجهه ڏسي ۽ ٻُڌي ڏاڍو خراب لڳو ۽ هن ڏک ۽ ڪاوڙ وچان چيو ”ڀاڳ سلائج خاندان کان منهن ڦيري ڇڏيو آهي“. ايتري ۾ راڻي لاڏي پنهنجي منهن کي گهونگهٽ سان ڍڪي، ڳوڙها ڳاڙيندي ۽ سُڏڪندي وري عربن جي مالِ غنيمت واري خيمن ڏانهن هلي وئي. تاريخ جي جبر، راڻي لاڏيءَ کي محمد بن قاسم پنهنجي حرم ۾ داخل ڪيو. هوءَ اتي خوش هجي ها ته اوسارا نه ڪڍي ها. ٻيءَ روايت سندس ڏاگهه چڙهڻ واري، حقيقت کي وڌيڪ ويجهو سمجهڻ ۾ اچي ٿي.


لفظ راڻي لاڏيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو