راڻڪ ديوي

راڻـڪ ديـوي: روايـتـن ۾ آهي تہ راڻڪ ديوي، راڻي روپاڙسنگهہ جي ڌيءَ هئي، سندس والد راڻو روپاڙسنگهہ ڪيرٽيءَ جو حاڪم هو. ڪيرٽيءَ شھر جا کنڊرات مٺيءَ کان چوڏهن ڪلوميٽر ڏکڻ طرف مٺي- ڏيپلي روڊ جي ويجهو اڄ بہ موجود آهن، جتي آڳاٽي دور ۾ ريڻي ندي وهندي هئي، جيڪا درياھہ جي ڪنهن وهڪري جي شاخ هئي. ڪيرٽيءَ جو شھر ان نديءَ جي ڪناري تي هوندو هو. روايت آهي تہ راڻڪ ديوي جڏهن ڄائي، تڏهن سندس پيءُ راڻي روپاڙ سنگهہ کي جوتشين ٻڌايو تہ هيءَ ڇوڪري جنهن بہ گهر ۾ رهندي، اهو گهر تباھہ ٿيندو. راڻي روپاڙسنگهہ جوتشين جي ڳالهين تي ويساھہ ڪندي ڌيءَ کي کڻي وڃي جهنگ ۾ ڦٽو ڪيو، جتان هڙونت ڪنڀار کڻي وڃي سندس پالنا ڪئي ۽ مٿس راڻڪ ديوي نالو رکيو. راڻو روپاڙ سنگهہ ڌيءَ جي حيات هجڻ کان بي خبر هو. راڻڪ ديوي جڏهن جوان ٿي تہ سندس سونهن جي هاڪ هنڌين ماڳين هُلي وئي. هوڏانهن راڻڪ ديويءَ جي اصليت کان بي خبر راڻو بہ سندس سونهن تي موهجي پيو. هڙونت ڪنڀار پاپ کان بچڻ لاءِ راڻڪ ديويءَ کي وٺي، راڻي کان لڪي جهوناڳڙھہ هليو ويو، جتي راڻڪ ديويءَ جي سونهن جي هاڪ ٻڌي گجرات جي حاڪم سڌوراج، هڙونت کان سڱ گهريو ۽ جهوناڳڙھہ جي حاڪم راءِ کنگهار بہ هڙونت کي سڱ ڏيڻ لاءِ مجبور ڪيو. آخر راءِ کنگهار راڻڪ ديويءَ کي زوريءَ کڻي وڃي شادي ڪئي. اها خبر جڏهن سڌراج کي پئي، تڏهن ڪاوڙجي لشڪر وٺي راءِ کنگهار جو گهيرو ڪيائين، جيڪو ٻارهن سالن تائين هليو. آخر راءِ کنگهار جي ڀاڻيجن ڏيجل ۽ ٻيجل کي پاڻ سان ملائي سازش ذريعي سڌارج، راءِ کنگهار کي شڪست ڏني. هن قصي جون اڪثر ڳالهيون سورٺ راءِ ڏياچ واري قصي سان بہ ملن ٿيون.


لفظ راڻڪ ديويھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو