رباب

رباب

رباب

رباب (ساز): هي ساز بلوچستان جو ربابي تاري ساز آهي، جيڪو پختونخوا ۽ ڪشمير جي ڪجهه علائقن ۾ وڄايو وڃي ٿو. هن ساز جو اصل وطن ايران آهي، جيڪو پوءِ عربن وٽ پهتو. رباب لفظ اصل رواوه آهي، جيڪو ڦري رباب ٿيو. ڪن عالمن جو خيال آهي ته هي عربي لفظ ’ر ب ب‘ جو جمع آهي، جنهن جي معنيٰ آهي شين کي گڏ ڪرڻ. منڍ ۾ هي مضراب سان وڄايو ويندو هو، جو پوءِ گز سان وڄائڻ ۾ آيو.
هن ساز ۾ ٻڪريءَ جي آنڊن مان ٺاهيل چار تندون لڳل هونديون آهن، جن مان ٽي تندون سُر يا راڳ جي ڇيڙڻ لاءِ ۽ چوٿين تند گر يا لئي پڪڙڻ لاءِ ڇيڙبي آهي، جنهن کي ’شهه تار‘ به چوندا آهن. هيءَ تار هيٺين ’سا‘ يا کرج سان مليل هوندي آهي. هن ساز يعني رباب جي گونجاري واري پيتي ’سرود‘ کان ننڍي هوندي آهي. قديم زماني جي وِڄا واري رباب کي طربون ڪونه هونديون آهن، پر جديد قسم جي رباب ۾ 12 طربون هڻي واڄو وڌايو ويو آهي. هي ساز پشتو لوڪ موسيقيءَ سان تعلق رکي ٿو. هڪ روايت مطابق پشتو زبان جو مشهور شاعر رحمان بابا پنهنجو ڪلام رباب جي سنگت تي ڳائيندو هو. رباب کي سنڌيءَ توڙي اردو شاعريءَ ۾ هڪ خاص رومانوي حيثيت ۾ ڳايو ويو آهي.
لطيف سائينءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ رباب جو ذڪر ڪندي فرمايو آهي:
رڳون ٿيون رباب، وڄن ويل سڀ ڪنهين،
لڇن، ڪڇن نه ٻئو، جانب ريءَ جواب،
سوئي سنڌيندم سپرين، ڪيس جنهن ڪباب،
سوئي عين عذاب، سوئي راحت روح جي.
(سر: يمن ڪلياڻ، داستان ٻيو)


لفظ رباب ھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو