رباعي: رباعي شاعريءَ جي هڪ آڳاٽي صنف آهي، جنهن ۾ فقط چئن مصرعن ۾ مطلب بيان ڪيل هوندو آهي. رباعيءَ جو مقصد آخري مصرع ۾ هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته شاعر آخر واري مصرع ۾ ڪو نُڪتو يا مثال پيش ڪندو آهي ۽ باقي ٽي شروع واريون مصرعون ان چوٿين مصرع جي شرح يا تائيد ۾ هونديون آهن. خاص ڪري چوٿين مصرع سڀني مصراعن کان بهتر ۽ بلند تر هوندي آهي. ڪن شاعرن پنهنجن ڪتابن ۾ رباعيءَ جو نالو ’ترانو‘ پڻ لکيو آهي. رباعي ايران جي ايجاد آهي. رباعيءَ جو وزن ’بحر هزج‘ مان نڪتل آهي، جنهن ۾ ڏهه رڪن استعمال ٿيندا آهن، هڪ سالم يعني مفاعيلن ۽ نو حزف يعني مفاعلن (مقبوض) مفاعيل (مڪفوف) فاعلن (اشتر)، مفعولن (اخرم) مفعول (اخرب)، فعول (اهتم)، فاع (ازل)، فعل (مجبوب)، فع (ابتر).
رباعيءَ ۾ ذڪر ڪيل ڏهن رڪنن کان سواءِ ٻيو ڪو به رڪن نٿو اچي سگھي. انهن ڏهن رڪنن ۾ چار آخر وارا رڪن فعول، فاع، فعل ۽ فع فقط عروض ۽ ضرب جي لاءِ ۽ چار شروع وارا رڪن مفاعيلن، مفاعيل ۽ مفعول صدر ۽ ابتدا ۽ پڻ حشر ۾ به استعمال ڪري سگھجن ٿا، پر عروض ۽ ضرب ۾ استعمال نه ٿا ڪري سگھجن. جيڪڏهن ڪنهن هڪ رباعيءَ جون چار مصرعون چئن مختلف وزنن ۾ هجن ته به اهي مصراعون ناموزون ٿي نه ٿيون سگھن، پر شرط اهو آهي ته هر ڪنهن مصرع جي ترڪيب ۾ مٿي ذڪر ڪيل ڏهن رڪنن کان سواءِ ڪو ٻيو رڪن نٿو اچي سگھي. عروضدانن، رباعيءَ جا چوويهه وزن ڳولي ڪڍيا آهن ۽ خواجه حسن قطان خراسانيءَ انهن سڀني کي ٻن مختلف شجرن ۾ ورهائي، هر هڪ شجرو ٻارهن وزنن جو ٺاهيو، يعني اهي ٻارهن وزن، جي مفعول سان شروع ٿين ٿا، تن کي اخرب ۽ ٻيا اهي ٻارهن وزن، جيڪي مفعولن سان شروع ٿين ٿا، تن کي اخرم جو نالو ڏنو ويو آهي.
قافيي جي لحاظ کان رباعي ٻن قسمن جي ٿئي ٿي. هڪ رباعي مصرع ۽ ٻي رباعي خصي يا ناقص، جيڪڏهن رباعي جي چئن مصراعن ۾ قافيو هجي ته اها رباعي مصرع آهي، پر جي پهرين، ٻي ۽ چوٿين مصرع ۾ قافيو هجي ۽ ٽين مصرع ۾ نه هجي ته ان رباعي کي خصي يا ناقص رباعي چئبو آهي. مثال:
گستاخ ڪلامي نه ڪئي ٿئون نه ڪبي،
هر سج جي سلامي نه ڪئي ٿئون نه ڪبي،
سنڌڙي ته امڙ آهه، امڙ سان ڪو حساب،
ٻئي ڪنهن جي غلامي نه ڪئي ٿئون نه ڪبي!
(محسن ڪڪڙائي)