
رباعيات طالب2
رباعيات طالب2 (ڪتاب): هي سنڌ جي صف اول جي شاعر مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي رباعين جو ڪتاب آهي. هن ڪتاب جو انتساب، مخدوم صاحب، پنھنجي پٽ مخدوم زادہ محمد امين ’فھيم‘ کي هڪ شعر جي صورت ۾ پيش ڪيو آهي، جنهن جون آخري سٽون هن ريت آهن:
جو طالب موليٰ کي آهي علم عطا ٿيو،
ﷲ ڪري تنھنجي بہ سيني ۾ رهي بند.
اداري پاران طالب الموليٰ اڪيڊميءَ جي صدر مخدوم جميل الزمان ٻہ اکر لکيا آهن، جن ۾ هن ڄاڻايو آهي تہ: ’رباعيات طالب‘ اڪيڊميءَ جو ٽيون شهپارو آهي.“ هن ڪتاب ۾ مخدوم صاحب جون 88 رباعيون شامل آهن. نموني طور هڪ رباعي هيٺ ڏجي ٿي:
بازار محبت ۾ خريدار ٿي رھہ،
يوسف جو هميشہ تون طلبگار ٿي رھہ،
ٿي صدف مثل ابر ڪرم تون اي شائق،
يعقوب مثل طالب ديدار ٿي رھہ.
ڊيمي سائيز جي 44 صفحن جو هي ڪتاب، مخدوم طالب الموليٰ اڪيڊمي هالا، 1990ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 25 روپيا آهي.