ربوءَ واري کڏ: هيءَ کڏ اصل ۾ هڪ تلاءُ هو، جيڪو ميرن جي دؤر ۾ خيرپور شهر جي اوڀارين پاسي ڪيترن ئي ايڪڙن ۾ ڦهليل هو، ان تلاءَ جي ڀڪ ۾ هڪ عاليشان باغ به هو، جنهن ۾ ميوا، گل ۽ ٻوٽا وڏي تعداد ۾ هوندا هئا، ان باغ کي ’لکي باغ‘ چيو ويندو هو. ان تلاءَ ڀرسان خيرپور جي مير مراد علي خان جي سهري ميان ربنواز خان لوڌيال جو بنگلو هو. هن تلاءَ ۾ سدائين پاڻي هوندو هو ۽ ان جي صفائي ٻارهو ئي ٿيندي رهندي هئي. ميرن جي گهراڻي جا نوجوان بتيلن تي ويهي هن تلاءَ ۾ چڪر ڏيندا هئا. عام ماڻهو به تفريح سانگي هتي ايندا رهندا هئا. هن تلاءَ جي نالي بابت روايت آهي ته مير مراد جي سهري جو نالو ربنواز هو، جنهنڪري ڀرپاسي جي ماڻهن هن تلاءُ/ کڏ تي نالو ربوءَ جي کڏ يا ربوءَ واري کڏ رکي ڇڏيو. هتي وڏا وڻ هوندا هئا، هاڻي اتي کجيون آهن ۽ فصل ٿيندو آهي. هن کڏ جا نشان اڄ به موجود آهن. ’ربوءَ جي کڏ‘ بابت نامور ڪهاڻيڪار نسيم کرل جو هڪ ڪلاسيڪي قسم جو مضمون لکيل آهي.