ربيع الآخر/ ربيع الثاني: اسلامي سال جو چوٿون مهينو آهي. عرب عالمن جڏهن مهينن جا نالا تجويز ڪيا هئا ته ان وقت بهار جي پڇاڙي هئي، يعني بهار جو پويون ۽ آخري حصو هو. ان ڪري هن مهيني جو نالو ربيع الآخر يا ربيع الثاني (پوئين بهار) رکيائون ۽ بهار جي شروعات يا پهرين بهار تي ربيع الاول نالو رکيو ويو آهي.
اسلامي تاريخ ۾ هن مهيني کي ’صلح جو مهينو‘ چيو ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته حضرت علي عليه السلام جي شهادت کانپوءِ سندس فرزند حضرت حَسن عليه السّلام خلافت جي تخت تي ويٺو، جنهن تي مسلمانن ۾ ڌڙابندي ٿي هئي ۽ هڪ وڏي ٽولي جي قيادت امير معاويه ڪري رهيو هو ۽ مسلمانن ۾ وڏي جھيڙي ٿيڻ جو خطرو موجود هو. امير معاويه جي حامين کيس خلافت ڏيڻ ٿي چاهي. ان خطري کي ٽارڻ لاءِ حضرت امام حسن عليه السّلام امير معاويه جي حق ۾ خلافت تان هٿ کڻي صلح ڪيو. ان صلح جي پيشنگوئي نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جن اڳ ۾ ئي ڪري ڇڏي هئي. اهو سال41 هه هو، جنهن کي ’عامة الجماعة‘ اجتماع يا صلح جو سال به سڏيو وڃي ٿو.