ربيع بن صبيح سعدي بصري

ربيع بن صبيح سعدي بصري: عربستان جو نامور عالم ربيع بن صبيع سعدي بصري، عرب دؤر ۾ سنڌ ۾ آيو ۽ هتي ئي اچي سڪونت اختيار ڪيائين. ربيع بن صبيح حديث جي قابل اعتماد راوين مان مڃيو وڃي ٿو. هي تابعين يا تبع تابعين مان هو. سندس ڪنيت ابوبڪر هئي ۽ ڪن روايتن موجب ابوحفص هئي.
ربيع بن صبيح اصل عراق جي شھر بصري جو رهاڪو هو. ان ڪري بصري بہ سڏيو ويندو هو. هيءُ حضرت حسن بصري، حميد الوطيل، يديد رقاشي، ابوالزبير ثابت بنائي ۽ مجاهد بن جبير جو شاگرد هو. حافظ ابن حجرتھذيب التهذيب‘ ۾ سندس باري ۾ مختلف محدثن جا رايا تفصيل سان بيان ڪيا آهن. سندس شاگردن مان سـفيـان ثوري، عـبدالله مبارڪ، عـاصـم بـن علـي ۽ ابـن مـهـديءَ جا نالا قابل ذڪر آهن.
ربيع بن صبيح هتي هڪ ڪتاب ’دائره المعارف‘ پڻ لکيو. محمد بن المثنيٰ ۽ ٻين ڪن محققن مطابق هن سن 140 ھہ (774ع) ۾ سنڌ ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو