رب ڏنو هنڱورو

رب ڏنو هنڱورو

رب ڏنو هنڱورو

رب ڏنو هنڱورو: مشھور سگهڙ رب ڏنو ولد ميلو فقير هنڱورو، 4 جون 1966ع تي ڳوٺ دائم فقير هنڱوري، تعلقي کپري، ضلعي سانگهڙ ۾ پيدا ٿيو. 1980ع ۾ پنج درجا سنڌي پاس ڪيائين. 1992ع ۾ مئٽرڪ نيشنل اسلاميہ هاءِ اسڪول کپري مان پاس ڪري 1993ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو. نوڪري ملڻ کانپوءِ 2002ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج کپري مان انٽر پاس ڪيائين. ننڍپڻ کان وٺي مولود شريف، معجزا، ساراھہ ۽ سانوڻ فقير جا بيت، محفلن ۽ شادين ۾ جهونگاري داد حاصل ڪندو رهيو آهي. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي اسٽيشن ڊائريڪٽر نصير مرزا ۽ سينيئر پروڊيوسر علي اڪبر هنڱورجي کيس ريڊيو تي متعارف ڪرايو. 2006ع ۾ آڊيشن پاس ڪري، ريڊيو جي فنڪارن ۾ شامل ٿيو. هي ريڊيو جي پروگرام فتح خان جي اوطاق ۾ بہ ڪافي ڀيرا پنھنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1966.06.04  عيسوي

مشهور سگھڙ رب ڏنو ولد ميلو فقير هنڱورو، 4 جون 1966ع تي ڳوٺ دائم فقير هنڱوري، تعلقي کپري، ضلعي سانگھڙ ۾ پيدا ٿيو.



سُگھڙ - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀارو ۽ حفيظ
غلام قادر ڀٽو
گل بيگ خان رند
قاضي محمد عرس
مبارڪ عاطف لغاري
شيخ محمد بخش
دينار مري حاجي
عبداللطيف لغاري
طالب لوهار
الھہ بخش ملڪاڻي
سُگھڙ ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون