رتانڻ: رتانڻ، صندل جي قسم جي ڳاڙهي رنگ جي هڪ ڪاٺي ٿيندي آهي، جنهن لاءِ حڪيمن جو چوڻ آهي تہ ان کي جيڪڏهن گلاب جي پاڻيءَ ۾ گهوٽي پيئبو تہ دماغ کي فرحت ايندي. هي اُڃ کي ختم ڪرڻ ۽ پراڻن تپن، دستن ۽ وبائي الٽين لاءِ بہ فائديمند آهي. هن کي ميٽ وانگر گرم ڪري، سوڄ، سُور، چٽيءَ، بدن جي خارش ۽ ڄؤرن جي ڏنگن تي مکبو تہ انهن کي ڇٽائيندي آهي.