رتاڻي چانڊيا: هي ڳوٺ رشيد فقير رتاڻيءَ جي ڏاڏي رتي فقير ميان دين محمد ولد ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي دؤر سنہ 1118ھہ/ 1697ع ۾ ٻڌو هو. رتو فقير وڏي عمر ماڻي وفات ڪري ويو. سندس قبر ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي مقام ۾، تعلقي خيرپور ناٿن شاھہ، ضلعي دادوءَ جي ڳوٺ ڳاڙهي ڪاڇي ۾ آهي.