رتناولي (ڪتاب): ديوان ڪوڙيمل چندن مل کلناڻي، سنسڪرت ادب جي جهونن ۽ اڻلڀ ناٽڪن مان ’هرش ديو‘ جو ناٽڪ ’رتناولي‘1888ع ۾ سولي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو، جيڪو ’ليٿو‘ تي ڇپايو ويو هو. ڪوي ڪاليداس جي ناٽڪن وانگر ’هرش ديو‘ جو هي ناٽڪ سنسڪرت جو اهم ناٽڪ ليکيو وڃي ٿو. هي ناٽڪ ان زماني ۾ مشھور ٿيو، پر پوءِ ماڻهن جي دل تان لھي ويو. ڪن جزوي اديبن کانسواءِ ڪنهن کي بہ اها ڄاڻ نہ هئي تہ ڪو هي ڪتاب ديوان ڪوڙيمل جو ترجمو ڪيل آهي. 1938ع ۾ ’رتن ساهتيہ منڊل‘ هن ڪتاب کي ٻيهر نئين صورتخطيءَ ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو.
ديوان ڪوڙو مل هن ناٽڪ جي منڍ ۾ لکي ٿو تہ: ”شري هرش ديو، ٻارهين عيسوي صديءَ جي منڍ ۾ ڪشمير جو راجا هو، جيڪو تمام ٻُڌيوان، گيانوان، سنگيت، ڪويتا ۽ ٻين علمن جو چاهيندڙ هو. هن ناٽڪ ۾ ’وتس ڪوسمبيءَ‘ جي راجا جي ڪنيا ’واسودتا‘ سان سندس وهانءُ ٿيو هو. راجا جي وڏي وزير يوگنڌارين کي خبر پئي تہ لنڪا جي راجا جي نياڻي ’رتناولي‘ کي ڪنهن بزرگ ور (اشارو) ڏنو آهي ته؛ جيڪو راجا ساڻس پرڻبو اهو چڪروتي راجا هوندو! وزير جو خيال هو تہ راجا ساڻس پرڻجي، پر راجا اها ڳالھہ ان ڪري نہ مڃي، جو ائين ڪرڻ سان سندس راڻي ’واسودتا‘ کي ڏک پهچي ها، مگر وزير چالاڪي ڪري ظاهر ڪيو تہ راڻي باھہ ۾ سڙي وئي آهي، جنهن تي لنڪا جي راجا پنھنجي ڌيءُ جي وهانءُ ۾ ڏاج- ڏيوڻ ڏئي، وزير ۽ ٻين ماڻهن سان گڏ وتس راجا ڏانهن ڏياري اماڻيو، پر بدقسمتيءَ سان جھاز سمنڊ ۾ غرق ٿي ويو. ماڻهو هيڏانهن هوڏانهن لڙهي ويا. راج ڪنيا (رتناوليءَ) کي هڪ سوداگرڳچيءَ ۾ رتن مالا پيل ڏسي، کيس سمنڊ ۾ ٻڏڻ کان بچائي ورتو ۽ کيس وتس راجا جي وزير جي حوالي ڪيائين، جنهن اها راڻيءَ کي موڪلي ڏني.
هڪ ڀيري واسودتا راڻي پنھنجي سهيلين سان باغ ۾ سير ڪندي رتناوليءَ کي ڏٺو، جنهن کي سمنڊ مان لڀڻ ڪري ’ساگريڪا‘ نالو ڏنو ويو هو. ان وقت راجا بہ باغ ۾ هو. رتناولي راجا تي موهت ٿي پئي ۽ ان جي مورت چٽيائين. اها مورت راجا جي هٿ چڙهي تہ هو ان جي تخليقڪار رتناوليءَ تي اڪن ڇڪن ٿي پيو ۽ ڪنهن نموني سان وڃي ساگريڪا‘ (رتناوليءَ) سان مليو. راڻيءَ کي جڏهن هن ڳالھہ جي خبر پئي تہ رتناوليءَ کي زنجيرون وجهي، محل ۾ بند ڪرائي ڇڏيائين. ايتري ۾ وزير هڪڙي جادوگر سان گڏجي هٿرادو باھہ جو ناٽڪ رچايو. ان ناٽڪ دوران محل کي باھہ اچي لڳي، راجا ساگريڪا کي بچائڻ لاءِ باھہ ۾ لھي پيو، تہ هٿ ناٽ واري ۽ مصنوعي باھہ ختم ٿي وئي. ساگريڪا کي رتن مالها جي اهڃاڻ تي سڃاتو ويو، پوءِ واسودتا راڻي سندس ٻانهن راجا کي سونپي، هتي هن ناٽڪ جي پڄاڻي ٿئي ٿي. هي ناياب ناٽڪ هن وقت ملڻ مشڪل آهي.