رتن ملڪ

رتن ملڪ: رتن ملڪ، سيوهڻ جو رهاڪو هو ۽ سيوهڻ پرڳڻي تي حاڪم مقرر ٿيو هو. ابن بطوطه لکي ٿو تہ: ”ان وقت سيوهڻ ۾ ڄام انڙ ۽ قيصر رومي پڻ رهندا هئا، جيڪي هندستان جي بادشاھہ محمد تغلق جي اميرن ۾ شامل هوندا هئا. رتن لکپڙھہ توڙي حسابن جو ماهر هوندو هو. هو هڪ دفعي ٻين اميرن سان گڏ محمد تغلق وٽ ويو. سلطان محمد تغلق، سندس ڪن ڳالهين کان متاثر ٿي، کيس سيوهڻ جو حاڪم مقرر ڪري ’سردار سنڌ‘ جو لقب، جاگير ۽ ٻيا مرتبا عطا ڪيا. ڄام انڙ، قيصر رومي ۽ ٻين اميرن کي رتن جو حاڪم ٿيڻ خراب لڳو. هنن سيوهڻ پرڳڻي جي ٻين اميرن سان ملي رتن ملڪ کي قتل ڪرڻ جي سازش ڪئي. رتن ملڪ جي سيوهڻ پهچڻ کان ڪجهہ ڏينهن پوءِ هنن کيس شڪار يا رعيت جي سارسنڀال لھڻ جي بهاني شھر کان ٻاهر ڪڍيو ۽ اتي رات پوڻ بعد قتل ڪري ڇڏيو. هنن واپس شھر اچي ڄام انڙ کي سردار بنايو ۽ سندس ڄام فيروز نالو رکيو. ڪجهہ عرصي بعد ڄام فيروز، سيوهڻ ۾ پاڻ کي غير محفوظ سمجهي پنھنجي لشڪر سميت لاڙ طرف هليو ويو ۽ امير قيصر رومي باقي رهيل لشڪر جو سردار ٿيو. ان وقت عبدالملڪ، سلطان محمد تغلق پاران ملتان جو نائب مقرر ٿيل هو، جيڪو دهلي سلطنت جي حڪم سان رتن ملڪ جو پلاند وٺڻ ۽ سيوهڻ ۾ پيدا ٿيل بغاوت کي ختم ڪرڻ لاءِ سنڌو درياھہ ذريعي سفر ڪري سيوهڻ تي ڪاهي آيو.
قيصر روميءَ مقابلي جي تياري ڪري پنهنجو لشڪر وٺي ويڙھہ ڪئي، پر شڪست کائي ڀڄي وڃي قلعي ۾ پناھہ ورتي. عبادالملڪ جي لشڪر چاليهن ڏينهن تائين قلعي کي سخت گهيرو ڪري رکيو. ان کانپوءِ قيصر روميءَ امان گهري. عبادالملڪ کيس امان ڏيڻ جو وعدو ڪيو، پر پيش پوڻ کانپوءِ وعدي تان ڦري قيصر روميءَ کي قتل ڪري کل لاهي ان ۾ بُھہ ڀرائي قلعي تي ٽنگائي ڇڏيائين. ٻين کي قيد ڪري، انهن مان روز ڪن کي قتل ڪندو هو ۽ ڪن جون کلون لهرائيندو هو. انهن کلن ۾ بُھہ ڀرائي قلعي تي ٽنگرائي ڇڏيندو هو. انهن سڀني قتل ٿيلن جون سسيون وچ شھر ۾ گڏ ڪرائي وڏو ڍير ٺهرايائين، جيڪو ننڍي ٽڪر نما لڳندو هو.“
ابن بطوطه وڌيڪ لکيو آهي تہ: ”آءٌ (ابن بطوطه) وڏي مدرسي ۾ منزل انداز ٿيو هئس ۽ ان جي ڇت تي سمهندو هوس، جڏهن رات جو جاڳندو هوس تہ اهي لٽڪيل کلون ڏسندو هوس، جن کان پريشاني ٿيندي هئي ۽ مدرسي ۾ ٽڪڻ دل کي نہ وڻيو، تنهنڪري اتان ٻئي هنڌ هليو ويس.“


لفظ رتن ملڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو