رتن ملڪ: رتن ملڪ، سيوهڻ جو رهاڪو هو ۽ سيوهڻ پرڳڻي تي حاڪم مقرر ٿيو هو. ابن بطوطه لکي ٿو ته: ”ان وقت سيوهڻ ۾ ڄام انڙ ۽ قيصر رومي پڻ رهندا هئا، جيڪي هندستان جي بادشاهه محمد تغلق جي اميرن ۾ شامل هوندا هئا. رتن لکپڙهه توڙي حسابن جو ماهر هوندو هو. هو هڪ دفعي ٻين اميرن سان گڏ محمد تغلق وٽ ويو. سلطان محمد تغلق، سندس ڪن ڳالهين کان متاثر ٿي، کيس سيوهڻ جو حاڪم مقرر ڪري ’سردار سنڌ‘ جو لقب، جاگير ۽ ٻيا مرتبا عطا ڪيا. ڄام انڙ، قيصر رومي ۽ ٻين اميرن کي رتن جو حاڪم ٿيڻ خراب لڳو. هنن سيوهڻ پرڳڻي جي ٻين اميرن سان ملي رتن ملڪ کي قتل ڪرڻ جي سازش ڪئي. رتن ملڪ جي سيوهڻ پهچڻ کان ڪجهه ڏينهن پوءِ هنن کيس شڪار يا رعيت جي سارسنڀال لهڻ جي بهاني شهر کان ٻاهر ڪڍيو ۽ اتي رات پوڻ بعد قتل ڪري ڇڏيو. هنن واپس شهر اچي ڄام انڙ کي سردار بنايو ۽ سندس ڄام فيروز نالو رکيو. ڪجهه عرصي بعد ڄام فيروز، سيوهڻ ۾ پاڻ کي غير محفوظ سمجھي پنهنجي لشڪر سميت لاڙ طرف هليو ويو ۽ امير قيصر رومي باقي رهيل لشڪر جو سردار ٿيو. ان وقت عبدالملڪ، سلطان محمد تغلق پاران ملتان جو نائب مقرر ٿيل هو، جيڪو دهلي سلطنت جي حڪم سان رتن ملڪ جو پلاند وٺڻ ۽ سيوهڻ ۾ پيدا ٿيل بغاوت کي ختم ڪرڻ لاءِ سنڌو درياهه ذريعي سفر ڪري سيوهڻ تي ڪاهي آيو.
قيصر روميءَ مقابلي جي تياري ڪري پنهنجو لشڪر وٺي ويڙهه ڪئي، پر شڪست کائي ڀڄي وڃي قلعي ۾ پناهه ورتي. عبادالملڪ جي لشڪر چاليهن ڏينهن تائين قلعي کي سخت گھيرو ڪري رکيو. ان کانپوءِ قيصر روميءَ امان گھري. عبادالملڪ کيس امان ڏيڻ جو وعدو ڪيو، پر پيش پوڻ کانپوءِ وعدي تان ڦري قيصر روميءَ کي قتل ڪري کل لاهي ان ۾ بُهه ڀرائي قلعي تي ٽنگائي ڇڏيائين. ٻين کي قيد ڪري، انهن مان روز ڪن کي قتل ڪندو هو ۽ ڪن جون کلون لهرائيندو هو. انهن کلن ۾ بُهه ڀرائي قلعي تي ٽنگرائي ڇڏيندو هو. انهن سڀني قتل ٿيلن جون سسيون وچ شهر ۾ گڏ ڪرائي وڏو ڍير ٺهرايائين، جيڪو ننڍي ٽڪر نما لڳندو هو.“
ابن بطوطه وڌيڪ لکيو آهي ته: ”آءٌ (ابن بطوطه) وڏي مدرسي ۾ منزل انداز ٿيو هئس ۽ ان جي ڇت تي سمهندو هوس، جڏهن رات جو جاڳندو هوس ته اهي لٽڪيل کلون ڏسندو هوس، جن کان پريشاني ٿيندي هئي ۽ مدرسي ۾ ٽڪڻ دل کي نه وڻيو، تنهنڪري اتان ٻئي هنڌ هليو ويس.“