رتوديرو 2

رتوديرو 2

رتوديرو 2

رتوديرو 2

رتوديري جي مشهور ماڙين مان هڪ ماڙي

رتوديري جي مشهور ماڙين مان هڪ ماڙي

رتوديرو 2

رتوديرو 2 (شھر): رتوديرو، لاڙڪاڻي ضلعي جو اهم تاريخي شھر ۽ تعلقي ’رتيديري‘ جو هيڊڪوارٽر آهي، جيڪو 27.480 اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 68.200 ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي واقع آهي. هن شھر کي تاريخي اهميت حاصل آهي. هي شهر، شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي ۽ شھيد محترمہ بينظير ڀٽو جو اباڻو تڪ بہ رهيو آهي. پاڪستان جي 65 سالن جي تاريخ ۾ پوري ملڪ ۾قومي اسيمبليءَ جو هي واحد تڪ آهي، جنهن کي اها حيثيت حاصل آهي تہ هن تڪ مان چونڊيل اميدوارَ چار ڀيرا ملڪ جا وزيراعظم رهيا آهن. ٻہ ڀيرا شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ٻہ ڀيرا سندس نياڻي شھيد بينظير ڀٽو ملڪ جا وزير اعظم بڻيا.
رتيديري شھر جون (ٽالپر ۽ انگريز دور ۾) هندن جون ٺهرايل ماڙيون تمام گهڻيون مشھور آهن، جن لاءِ سنڌيءَ جو هڪ لوڪ گيت سالن کان مشھور آهي، جنهن جا ٻول هن ريت آهن:
’ڏسي رتي جون ماڙيون،
وهواھہ رتوديرو... وهواھہ رتوديرو...
ڀُورل ڪندو ڀيرو...!‘
رتيديري شھر جي نالي متعلق مختلف روايتون ملن ٿيون. هڪ روايت موجب هيءُ شھر رتي خان جلباڻيءَ جي نالي پٺيان ٻَڌايل آهي، جيڪو جلباڻي قبيلي جو سردار هو. هُو رتيديري شھر ٻاهران رتيديري ــ شڪارپور روڊ تي واقع مشھور ماڳ (مقبري) ’ڀانڊي قبي‘ ۾ مدفون ٻڌايو وڃي ٿو. اها بہ روايت آهي تہ رتي خان جي ڪنهن فوج سان جنگ ٿي هئي، جنهن ۾ هو وڙهندي شھيد ٿيو. رتي جي شهادت کانپوءِ مخالف فوجي، رتي جي سسِي پنھنجي سردارن کي ثبوت طور ڏيکارڻ جي لاءِ ڪَٽي پاڻ سان گڏ کڻي ويا ۽ رتي خان جلباڻيءَ جو صرف ڌڙ يا ڀانڊو اُن جاءِ تي دفن ڪيو ويو، جنهن مٿان بعد ۾ هڪ قُبو اَڏايو ويو، جنهنڪري ان قُبي تي ’ڀانڊو قُبو‘ نالو پيو. هي زباني روايت مستند نہ آهي.
رتيديري شھر جي بانيءَ طور ڪنهن ’رتي خان ڀُٽي‘ ۽ ’رتي مل‘ جون روايتون بہ ملن ٿيون. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ رتيديري کي هڪ اندازي موجب ڪلهوڙن جي دور جو ٻَڌايل شھر سڏيو آهي. جيتوڻيڪ ڊاڪٽر صاحب کي رتيديري شھر جي پسگردائيءَ مان ڪڻڪ جا ڪي پنڊ پھڻ (Fossils) بہ مليا هئا، جيڪي هن جاءِ تي لکين سال اڳ بہ انساني آباديءَ جو پتو ڏين ٿا، پر ڊاڪٽر صاحب جي خيال موجب هتي مختلف دورن ۾ مختلف آباديون آباد ٿينديون رهيون آهن، پر موجودہ آباديءَ جو وجود ويجهي ماضيءَ سان آهي، جنهن جا پار پتا ڪلهوڙن جي دور کان ملن ٿا. نوجوان محقق ۽ رتيديري واسي اديب، ياسر قاضيءَ ’رتيديري شھر جي علمي ۽ ادبي تاريخ‘ جي موضوع تي پنھنجي اڻ مڪمل ٿيسز ۾ رتيديري شھر جي بنياد جي حوالي سان اُن کي ڪلهوڙن جي دور کان بہ اڳ جو ٻڌايو آهي ۽ ان جي بانين جي حوالي سان مٿيُن لڳ ڀڳ سمورين روايتن کي رد ڪيو آهي. سندس تحقيق موجب، جيئن تہ رتوديرو جاگرافيائي لحاظ کان اهڙيءَ جاءِ تي آهي، جو اُن جي چوڌاري ٻيا اهم شھر بہ آهن. ڪنهن دور ۾ جڏهن هتي ڪا بہ وسندي نہ هئي، تہ هتان، مختلف شهرن ڏانهن ايندڙ ۽ ويندڙ قافلا گذرندا هئا ۽ هتي هڪ مسافر خاني نما ترسڻ جي جاءِ ٺهيل هئي، جتي اُٺن تي ايندڙ قافلا ڊاٻو ڪندا هئا ۽ پوءِ اڳتي جو سفر طئي ڪندا هئا. آهستي آهستي هتي اُن مسافر سرائيءَ جي جاءِ تي ڪجهه دُڪان ۽ هَٽَ آباد ٿيا ۽ پوءِ هوريان هوريان ماڻهن اُن سراءِ جي آسپاس رهائش اختيار ڪئي ۽ ايئن ئي هتي پهريان هڪ وسنديءَ نُما ڳوٺ ۽ پوءِ شھر آباد ٿيو، جيڪو اڄ ’رتيديري‘ جي نالي سان ڄاتو ۽ سڃاتو وڃي ٿو.
رتيديري جي جاگرافيائي بيهڪ جي حساب سان اُن جي ڏکڻ ۾ 30 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي لاڙڪاڻو، اوڀر ۾ 66 ڪلوميٽرن تي شڪارپور ۽ اولھہ ۾ 45 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي شھداد ڪوٽ آباد آهي. رتيديري ۾ ڪيترا اولياءَ ۽ جا پيارا ٻانھا مدفون آهن. اهڙين اهم درگاهن ۾ درگاھہ سيد صالح شاھہ، نادر شاھہ بخاري، درگاھہ سيد مبارڪ شاھہ، درگاھہ سيد شريف شاھہ، درگاھہ فتح محمد گهوٽو وغيرہ شامل آهن. انهن سڀني درگاهن تي ساليانا ميلا بہ لڳندا رهن ٿا. هن شھر جي مرڪزي امام بارگاھہ (جيڪا بيهڪ جي حساب سان بہ شھر جي مرڪز تي ئي واقع آهي) بہ هڪ تاريخي حيثيت رکي ٿي، جنهن کي هن شھر جا ماڻهو ’وڏي علم پاڪ‘ جي نالي سان سڏيندا آهن. هن امام بارگاھہ جي باني شخصيت چئن سادات برزگن سيد جهنڊل شاھہ، سيد وريل شاھہ، سيد روشن علي شاھہ ۽ سيد عالم شاھہ جا نالا ٻڌايا وڃن ٿا. هن امام بارگاھہ ۾ محرم جي ڏهن ڏينهن کان سواءِ سڄو سال ڪيترا ڀيرا مجسلون ۽ عزاداريءَ جا پروگرام پابنديءَ سان منعقد ڪيا ويندا آهن، جن ۾ ملڪ جا ناميارا عالم خطاب ڪري چڪا آهن. ساداتن جي هن خاندان جو ايامن کان ڀُٽي خاندان ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان وفاداريءَ وارو تعلق رهيو آهي، ان ڪري اليڪشن جي ڏينهن ۾ هن امام بارگاھہ جي ميدان تي شھيد ذوالفقار علي ڀٽو، شھيد محترمہ بينظير ڀٽو، محمد اياز سومرو ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جا ٻيا اڳواڻ ڪثرت سان جلسا ۽ ڪارنر ميٽنگون ڪندا رهيا آهن. هن وقت امام بارگاھہ جو سرپرست سيد شاهد حسين شاھہ الحسيني آهي.
جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳواڻ بشير خان قريشيءَ بہ هن شھر ۾ جنم ورتو ۽ سندس تدفين بہ رتيديري واسين جي شديد اسرار تي رتيديري ۾ ٿي. رتيديري شھر جي اولھہ ۾ مين رتوديرو باءِ پاس تي بشير خان جي ويجهي ساٿيءَ هدايت جتوئيءَ پاران ڏنل چار ايڪڙ زمين تي سندس مزار قائم ڪئي وئي آهي، جنهن جي تعمير جو ڪم هلندڙ آهي. رتيديري ۾ هن خاندان کي قومي تحريڪ جي حوالي سان وڏي اهميت حاصل آهي.
رتيديري جو جناح ميدان بہ هڪ تاريخي حيثيت رکي ٿو، جنهن لاءِ هن شھر جا برزگ شھري ٻڌائيندا آهن تہ تحريڪ پاڪستان دوران قائداعظم محمد علي جناح مسلم ليگ جي هڪ سياسي جلسي ۾ هتي آيو هو ۽ تاريخي خطاب ڪيو هئائين، جنهنڪري هن ميدان جو نالو ’جناح ميدان‘ پئجي ويو. رتيديري شھر جي پراڻين بازارن ۽ ٻين ماڳن ۾ پراڻي عيدگاھہ، مسجد قاضي غلام حيدر، گوڪل بازار، پوپٽ بازار، ڪپڙي بازار، وڏو ٽڪاڻو، آزاد ميدان ۽ ٻيون ڪيتريون ئي قديم جايون شامل آهن. هتان جي مشھور پاڙن ۾ موٽڻ پور، فتح پور، ڪنڊي جي ڪُنڊ، ڀُٽن جي وانڍ، وڌايل شھر محلو، نادر شاھہ پاڙو، قاضي عبدالحئي پاڙو، ٻپڙ پاڙو ۽ ٻيون وسنديون شامل آهن.
رتيديري جي مشھور شخصيتن ۾ شاهنواز خان ڀٽو'>سر شاهنواز خان ڀٽو، نواب خدابخش خان ڀٽو، نواب نبي بخش خان ڀٽو، شھيد ذوالفقار علي ڀٽو (پاڪستان جو پهريون چونڊيل وزيراعظم)، شھيد محترمہ بينظير ڀٽو (اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم)، مير مرتضيٰ ڀٽو، شاهنواز ڀٽو، ممتاز علي ڀٽو (سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير ۽ گورنر)، سردار بخش خان جلباڻي (سياستدان) ’سام‘ جئسنگهاڻي (اديب ۽ شاعر)، ڊاڪٽر سرلا ديوي (ليکڪا)، سيد وريل شاھہ (سياستدان)، قاضي عبدالحئي ’قائل‘ (شاعر، صحافي، مصور ۽ سماج سڌارڪ)، امان علي اظهر سمون (شاعر، اداڪار ۽ موسيقار)، خان قريشي'>بشير خان قريشي (قومپرست اڳواڻ)، عبدالرزاق سُومرو (پيپلز پارٽيءَ جو سينيئر ڪارڪن)، سرڪش سنڌي (ناميارو شاعر)، مقصود گل (ناميارو شاعرسيد ديدار حسين شاھہ (سنڌ جو اڳوڻو چيف جسٽس، اڳوڻو نيب چيئرمين ۽ ايم. پِي. اي)، قاضي خضر حيات (ناميارو مصور ۽ ڪاشيگر)، مولوي عبدالله چانڊيو (مذهبي عالم)، مولوي عبدالڪريم ’ڪُهاڙو‘ (مذهبي عالم)، مولوي عبدالحميد چانڊيو (مذهبي عالم)، سريش ڪيسواڻي (اڳوڻو چيئرمئن، سنڌي اڪيڊمي دهليقاضي اختر حيات (ناميارو مصور)، نواب اسلم شيخ (مصور)، اعتبار علي جاگيراڻي (سياسي ڪارڪن ۽ صحافي)، مرتضيٰ اعظم عباسي (شاعر)، مختار گهمرو (شاعرسيد بچل شاھہ (پيپلز پارٽيءَ جو ڪارڪن)، مير محمد عارباڻي (استاد)، حاجي نواب علي ويسر (استادعبدالقادر منگي (اديب ۽ اڳوڻو صوبائي سيڪريٽري ۽ ڊپٽي ڪمشنر)، ڊاڪٽر قاضي منظر حيات (شاعر ۽ مصور)، مدهوش ڀٽو (شاعرخان محمد سمون (موسيقار)، ماسٽر فتح علي (راڳي)، غلام شبير سمون (راڳي)، ديدار حسين سمون (راڳي)، ياسر قاضي (شاعر، مصور، ڪمپيئر ۽ براڊڪاسٽر)، فقير مظفر علي دايو (راڳي)، حاجي نثار بزمي (راڳي) ۽ ٻين جا نالا ذڪر جي قابل آهن.
رتيديري جي شاعرن ۾ ٽي نالا ’ٽه مورتيءَ‘ جي حيثيت ۾ سڃاتا وڃن ٿا، جن ۾ سنڌيءَ جو ناميارو اديب، امرتراءِ، حشمتراءِ ’سام‘ جئسنگهاڻي، مشھور صوفي شاعر غمدل فقير ۽ قادرالڪلام شاعر قاضي عبدالحئي ’قائل‘ شامل آهن. رتيديري واسي هي ٽئي اديب ’سام ــ غمدل ــ قائل‘ ٽه ــ مورتيءَ جي نسبت سان ڄاتا وڃن ٿا.
هاري تحريڪ جي عروج واري دور ۾ رتوديرو عملي طرح هاري تحريڪ جو ڳڙھہ رهيو. ڪامريڊ اعتبار علي جاگيراڻيءَ جي اخبار، هفتيوار ’هاري‘ ان تحريڪ جي ترجمان هئي. رتوديرو اشاعتي سرگرمين جي حوالي سان ان کان بہ اڳ کان وٺي اڳرو رهيو. هتان نڪرندڙ ’بادل‘ رسالو ورهاڱي کان اڳ کان وٺي هن شھر جي صحافتي شعور جي ساک ڀري ٿو، جڏهن تہ ٻاراڻي ادب جي حوالي سان ٻاراڻا رسالا: ٽه ماهي گلدستو، ماهوار ٽانڊاڻو، ماهوار رانديڪو بہ هن شھر مان جاري ٿيندا رهيا آهن.
رتوديرو شھر هٿ جي هنرن جي حوالي سان بہ مشھور آهي. هتي ٺهندڙ سنڌي ٽوپيُون ۽ ڀرت سڄيءَ سنڌ ۾ پسند ڪيو وڃي ٿو. رتوديرو شھر ’مٺي مائي‘ ۽ ’خستہ ۽ چهرن پڪوڙن‘ جي ڪري بہ مشھور آهي. رتيديري شھر جون شخصيتون حڪومت، سياست ۽ بيوروڪريسيءَ ۾ پاڪستان جي اهم عهدن تي فائز رهيون آهن.
رتيديري شھر ۾ هڪ بوائز مين هاءِ اسڪول، هڪ بوائز سنگل سيڪشن هاءِ اسڪول، هڪ بوائز ڊگري ڪاليج، هڪ گرلز ڊگري ڪاليج، 9 سرڪاري پرائمري اسڪول، لڳ ڀڳ 11 خانگي اسڪول، هڪ 30 بسترن واري سرڪاري اسپتال، 3 خانگي ميڊيڪل سينٽر، 2 پريس ڪلب، هڪ پبلڪ لائبرري، هڪ ٿاڻو، ميونسپل ڪاميٽي ۽ هڪ پبلڪ پارڪ پڻ آهي.
رتيديري شھر جي مختصر تاريخ سنڌ جي نامياري اديب مقصود گل ’رتوديروـ مختصر تاريخ‘ جي عنوان سان سهيڙي آهي، جنهن کي لاڙڪاڻي ضلعي جي سئو ساله جشن جي موقعي تي سنڌڙي ڪتابي سلسي رتيديري پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو