رتوڪوٽ 1
رتوڪوٽ 1
رتوڪوٽ 1
رتيڪوٽ مان مليل ٺڪر جي پڪل ٿانون جو نمونو
رتوڪوٽ 1: رتوڪوٽ ڪراچيءَ کان 27 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اڀرندي ڪنڊ کان ڏاکڻي سامونڊي پٽيءَ ۾ مُچق ٻيٽ تي آهي. مُچق ٻيٽ سنڌو نديءَ جي اتر اولهه واري طرف آهي. مچق ٻيٽ ايراضيءَ ۾ بدگونيا نموني اولهه ڏکڻ (اولهه کان اوڀر) ۽ اتر اوڀر اٽڪل ساڍا 9 ڪلوميٽر آهي، جڏهن ته ٻيٽ جي ويڪر ٽي ڪلوميٽر آهي. هاڻوڪي دؤر ۾ سامونڊي کاڌ سبب ٻيٽ جو پيٽ سوڙهو ٿي رهيو آهي. ڪنارن جي هيٺانهين ويرن جي چڙهڻ سبب ٻيٽ پاڻيءَ جي لپيٽ ۾ ايندو رهيو آهي. مُچق ٻيٽ جنهن کاريءَ تي آهي، ان جو منهن ڀنڀور ڏانهن ويندڙ لنگهه ٺاهي ٿو. ان کاريءَ کي ڦٽي ڪريڪ، جاڙي ڪريڪ، ڇارا ۽ گھارو ڪريڪ به ڪوٺيو وڃي ٿو. هن کاريءَ جي اهميت ڀنڀور جي ڦِٽڻ سبب گھٽجي وئي، پر اڄڪلهه هن کاريءَ جي ساڄي ڪناري ڀنڀور ۽ سمنڊ جي وچ ۾ قاسم پورٽ ٺهڻ ڪري، وري هن کاريءَ کي اهميت ملي آهي. مُچق ٻيٽ جيئن ته وارياسي ۽ هيـٺائين زمين تي آهي. ان ڪري سامونڊي ويرون جڏهن به چڙهن ٿيون ته ٻيٽ جو ڪافي حصو ٻُڏي وڃي ٿو. مُچق ٻيٽ تي هي تاريخي آثار 54 هيڪٽرن (135 ايڪڙن) ۾ پکڙيل آهن. مکيه آثارن کي درياهه جي ڪپ تي رهندڙ ماڻهو ’رتو ڪوٽ‘ سڏين ٿا. هي پنجن دڙن تي ڦهليل ماڳ آهي، جتان قديم وٿون ملن ٿيون. هتي ڪوٽ جي آثارن سميت هڪ قبرستان، هڪڙي پراڻي مسجد کانسواءِ قبرون ۽ هڪڙي قبر مٿان سهڻي چوکنڊي نموني جي ڇٽي به جڙيل آهي.
مچق ٻيٽ تي رتوڪوٽ پراڻي دؤر جي وڏي ۾ وڏي علامت آهي، جيڪو اٽڪل 4.38 ايڪڙن ٽن ميٽرن جي اوچائيءَ تي آهي. ڪوٽ جون اندريون ڀتيون چوٽين تائين مٽيءَ سان لٽجي ويون آهن، صرف وچ ۾ هڪڙو کڏو موجود آهي. رتو يا رتائو جي معنيٰ ۽ مفهوم ’رت جھڙو ڳاڙهو‘ آهي. آسپاس جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته ڪوٽ تي هن نالي جو ڪارڻ، ڪوٽ جي کنڊرن جو ڳاڙهو رنگ هئڻ آهي. خاص ڪري سج لهڻ مهل جڏهن سج جا ڳاڙها ڪرڻا ڪوٽ جي آثارن تي پوندا آهن ته ٽمندڙ رت وانگر ڳاڙها نظر ايندا آهن، جڏهن ته ڪجهه مؤرخن جو خيال آهي ته رتو لفظ، ٺٽي جي گورنر ’رتون‘ پويان ورتل آهي، جيڪو ارڙهين صدي عيسويءَ ۾ ٿي گذريو آهي.
رتي ڪوٽ جي شڪل ۽ بناوٽ چوڪور آهي. ڪوٽ جو اولهه ۽ اوڀر پاسو، اتر ۽ ڏکڻ پاسي کان ٿورو وڏو آهي. ڪوٽ جي اولهه پاسي جي ڊيگهه 352.2 فوٽ، اوڀر پاسي جي ڊيگهه 357.5 فوٽ، اتر پاسي جي ماپ 319.5 فوٽ ۽ ڏکڻ پاسي جي ماپ 331 فوٽ آهي. رتي ڪوٽ جي ڀت جي ويڪر 7.5 فوٽ آهي. سمورو ڪوٽ پڪين مستطيل سرن جو ٺهيل آهي، جن ۾ ڪٿي ڪٿي ڀڳل سرون به استعمال ٿيل آهن. لڳي ائين ٿو ته اهي سرون ڪنهن پراڻيءَ جاءِ مان ڪڍي استعمال ۾ آنديون ويون آهن. ڪوٽ جي ڀتين ۾ سِرون ابتيون سبتيون لڳايون ويون آهن. ڪافي سرون سڙيل ۽ ڪاريون آهن. ڪوٽ کي اتر- اوڀر ۽ ڏکڻ پاسي پنج پنج برج آهن ۽ اولهه طرف ڇهه برج آهن. ڪوٽ جي سمورن برجن جي شڪل ۽ بناوٽ هڪ ٻئي کان بدليل آهي. اڪثر برج ڊگھا ۽ اڌ گولائيءَ واري شڪل جا ٺهيل آهن. جڏهن ته اوڀر پاسي وارا برج اڌ بيضوي شڪل جا آهن. سمورن برجن جي ماپ گھٽ وڌ آهي. انهن مان ڪن جي ماپ 22 فوٽ ۽ ڪن جي 24 فوٽ آهي. برجن جي ڊيگهه 26 کان 29 فوٽ آهي. برج ڪوٽ واري ديوار کان ڊيگهه ۾ 20 کان 23 فوٽ ٻاهر نڪتل آهن. ڪوٽ جي ڪنڊن وارا برج به هڪجھڙا نه آهن. ڏکڻ اولهه جي ڪنڊ وارا برج بلڪل گولائيءَ ۾ آهن، جڏهن ته باقي ٽنهي ڪنڊن وارا برج نبات جي شڪل جھڙا آهن.
برجن جي ديوارن جي ٿولهه به ساڍا ست فوٽ آهي. برجن وچ ۾ ڇڏيل فاصلو به هڪ جيترو نه آهي. ديوار جو ٽڪرو هڪ برج کان ٻئي برج تائين 12 فوٽن جي فاصلي تي آهي ته ڪي وري 22 فوٽن جي فاصلي تي آهن. جڏهن ته اولهه پاسي واري ديوار ۾ اهي ٽڪرا اڃا به ننڍا آهن، ڇو ته ان ديوار ۾ لاڳيتا ڇهه برج آهن. ڪوٽ جي حدن کان ٻاهر ٻن برجن اڳيان هڪ چوڪور برج آهي، برج جي شڪل مان ائين ٿو لڳي ته اهو برج ڪوٽ جي اڏاوت کان پوءِ جو ٺهيل آهي. اهو برج پڪين سرن سان ٺهيل آهي ۽ برج جون ديوارون 6.5 فوٽ ٿلهيون آهن. ڪوٽ جي ديوارن جي ماپ ٽنهي طرفن کان مختلف آهي. اتر واري ديوار 34 فوٽ، اولهه واري ديوار 56 فوٽ ۽ ڏکڻ واري ديوار 45 فوٽ ڊگھي آهي. هڪ لنگهه اولاهين ديوار ۾ لڌو ويو آهي. ان جي چائنٺ هيٺان هڪ سوڙهي نالي پاڻي جي نيڪال لاءِ ڀڃي ڪڍي وئي آهي، برج جون اندريون حصو ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي، جن مان هڪ ورانڊو، جيڪو ‘L’ جي صورت ٺاهي ٿو ۽ ٻيو مستطيل ڪمري جي صورت ۾ آهي. ڪوٽ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ اولهائين ديوار مان هڪ لنگهه آهي. ان لنگهه مان اندر اچڻ شرط ورانڊو آهي. کوٽائيءَ دوران انهيءَ چوڪور برج وٽان سؤ کان مٿي ڪجهه سڄا ۽ ڪجهه ڀڳل سرن جھڙا گولا هٿ آيا آهن، جن مان انومان آهن ته اهو هنڌ اسلحه خانو هوندو. ان چوڪور برج مان ڪوٽ اندر وڃڻ جو ڪو به لنگهه نه آهي ۽ نه ئي وري ڪنهن ٻئي هنڌان يا برجن وٽان ڪوٽ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪو دروازو آهي. لنگھه واري برج وٽان ڪوٽ جي اندرين فرش جي سطح تي، ريتيلي پٿر جا بنياد مليا آهن، لنگهه وارو برج، جنهن کي پوئين دؤر ۾ ڪوٽ سان ملايو ويو آهي، تنهن ۾ ٽن درن جون چائنٺون مليون آهن، جن مان فرشي سطح جو اندازو ڪري سگھجي ٿو.
ڪوٽ جي ديوارن جي موجوده بلندي تري کان 36-35 فوٽ آهي، جيڪا اندرين فرش جي سطح کان 4-5-8 فوٽ بلند آهي. ڪوٽ جو دفاع گھڻو ڪري ڪٽهڙن ۽ برجن تي بيهي ڪيو ويندو هو. ان کانسواءِ ڪوٽ جي ڪجهه برجن تي ٿلهن جا آثار پڻ مليا آهن. ڪوٽ هيٺانهين واري هنڌ تي اڏيل آهي، ان ڪري حملو ڪندڙ آسانيءَ سان ڪوٽ تائين رسي سگھي ٿو. ڇو ته ڪوٽ جي ڀرسان ڪا به وڻڪار ڪونهي. عام قلعن جيان هن قلعي ۾ ڳڙکن، مارن يا نالين وارو دفاعي طريقو ضروري نه سمجھيو ويو آهي. ان ڪري ڪوٽ ۾ برج گھڻا آهن. ڪوٽ اندر اڏاوتن جا نشان آهن. اڏاوتن جي اها قطار جيڪا شايد گدام يا رهائش لاءِ ڪم ايندي هجي، جڏهن ته ڪوٽ جو باقي وچيون حصو بنا ڪنهن اڏاوت جي هيٺانهون آهي، اهو حصو کليل معلوم ٿئي ٿو. جڏهن ته اڏاوتون ڍڪيل گيلريءَ سان هجڻ جو پڻ امڪان رد نٿو ڪري سگھجي. 1312 فوٽن جي گھيري واري هن ڪوٽ ۾ برجين جي گھڻائي آهي، ڪوٽ ۾ 25 برجيون آهن. برجين جي شڪل اڌ گول ۽ اڌ بيضوي آهي. انهن مان ڪنڊن وارا ناسپاتيءَ جھڙا برج منفرد حيثيت رکن ٿا، جڏهن ته برجن جي قطر جي سراسري ماپ 23 فوٽ ۽ ڊيگهه 23 کان 32.5 فوٽ آهي.
ڪوٽ جي بناوٽ ايراني نار ۾ موجود ’صيراف‘ جي قلعي جھڙي آهي، ڇو ته صيراف وارو ڪوٽ چوڪنڊين ديوارن سان گڏوگڏ اڌ گولائي جوڙ ڊگھن برجن وارو آهي. صيراف جو قلعو ساسانين جو دؤر سان سڃاتو وڃي ٿو. عربن جي قبضي بعد 8 صدي عيسويءَ ڌاري انهن کنڊرن تي عربن هڪڙي مسجد ٺاهي. ائين ئي ايران جي جارجين صوبي ۾ ’تورنگ تيپي‘ جو قلعو به ذري گھٽ رتي ڪوٽ سان مشابهت رکي ٿو. اتان کوٽائيءَ دوران هڪ ٻن برجن وارو دروازو هٿ آيو آهي. انهيءَ قلعي ۾ هڪ اڌ بيضوي شڪل جو برج به مليو آهي. ايران وارو ’تورنگ تيپي‘ قلعو ٽين صدي عيسويءَ جو سڏيو وڃي ٿو. ايران ۾ ساڳئي نموني جي برجن ۽ ديوارن وارا ٻيا به ڪيترائي قلعا آهن، جيئن: اسڪندريا جو ننڍو قلعو، آزربائيجان ۾ هنتاوان جو قلعو، غازي قلعو، تخت سليمان کي ڪچين سرن واري ڏنل ديوار، ساگديانا (ازبڪستان) ۾ ٻانڌي خان جو ۽ ٽيپ جو قلعو وغيره. انهن جا برج به رتي ڪوٽ جي برجن سان مشابهت رکندڙ آهن.