رتڙائو ڍنڍ

رتڙائو ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ، ضلعي سانگهڙ جي ’چوٽياريون‘ علائقي ۾ واقع آهي. هيءَ ڍنڍ ٻن ضلعن: خيرپور ضلعي جي تعلقي ناري ۽ ضلعي سانگهڙ جي ڪجهہ حصن تي مشتمل آهي. هن ڍنڍ جي ڊيگهہ ڇھہ ڪلوميٽر ۽ ويڪر تقريباً هڪ ڪلوميٽر آهي. هن ڍنڍ ۾ مڇي ۽ پکي گهڻي تعداد ۾ ملن ٿا. هيءَ ڍنڍ فقير لال مڱريي جي درگاھہ جي اتر اولھہ ۾ آهي. هن ڍنڍ تي رتڙائو نالو پوڻ بابت روايت آهي تہ هڪ ڀيري رتو موچي نالي هڪ فقير درگاھہ شريف جي زيارت ڪري واپس هن ڍنڍ واري ڳوٺ ۾ پهتو تہ اوچتو بيماريءَ سبب وفات ڪري ويو. مرڻ کان اڳ هن وصيت ڪئي هئي تہ کيس مرڻ بعد هن ڍنڍ ڀرسان دفن ڪيو وڃي. فقير جي وصيت موجب کيس ڍنڍ ڀرسان دفن ڪيو ويو. سندس قبر اڄ بہ ڍنڍ جي اولھہ ڪناري تي واقع آهي، جنهنڪري هي ڍنڍ فقير رتي موچيءَ جي نسبت سان ’رتڙائو ڍنڍ‘ مشھور آهي.



لفظ رتڙائو ڍنڍھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو