
رتڙي شاهه بخاريءَ جي مزار
رتڙي شاھہ بخاريءَ جي مزار (ماڳ): هيءَ مزار ڳوٺ رانجهي ڀُٽي، ديھہ حسين ڀُٽي، تعلقي فيض گنج، ضلعي خيرپورميرس ۾ آهي. رتڙي شاھہ جي زندگيءَ بابت ڪا بہ خبر نہ ٿي پوي. سندس مزار بہ ڪا ايڏي پراڻي نہ آهي. پڪين سرن ۽ سيمينٽ سان اوساريل هيءَ مزار چورس رٿيل آهي. ان جي مهاڙي بہ سادي سودي آهي. وچ ۾ دروازو ڏنل آهي، جيڪو لوھہ جو آهي. صرف چوڪاٺ، ڪاٺ جو اٿس، جيڪو قديم لڳي ٿو. مقبري تي ڪا بہ نيل وغيرہ نہ آهي. هن مقبري جو گنبذ پنھنجي نوعيت ۾ خاص لڳي ٿو. ڀتين کي جوڙ ڪنڊون ڏئي، ڪمري کي اٺڪنڊو ڪري گنبذ ٺاهڻ کان اڳ ڳچ (Drum) ٺاهيو ويو آهي، جنهن جي مٿان انگريزي ابتي ٽوپلي وانگر گنبذ ٺهيل آهي. مٿي چوٽيءَ تي سنهي نيل لڳل آهي. گنبذ جو رنگ سائو آهي. مزار جون ڀتيون بلڪل ساديون آهن. اندر وچ تي رتڙي شاھہ جي اڪيلي مزار آهي، جنهن تي مولھہ ۽ پڙ پيل آهن. ننڍي قبر ٽه طبقائين آهي. فرش پڪو ٻَڌل اٿس. مزار جي چوڌاري وڏو قبرستان آهي، جيڪو هاڻي بہ استعمال هيٺ آهي. مزار اوڻويهين صدي عيسويءَ جي لڳي ٿي.