
رجب آزاد
رجب ’آزاد‘: مزاحيہ شاعر ۽ ڊرامانگار رجب علي ولد محمد بچل سولنگيءَ، 15 سيپٽمبر 1961ع تي ڳوٺ سيتا ننـڍي، تعلـقـي ۽ ضلـعـي دادوءَ ۾ جنم ورتو. هن جي تعليم ايم. اي اڪنامڪس ۽ ايم. ايڊ آهي. هن وقت گورنمينٽ طالب الموليٰ هاءِ اسڪول دادوءَ ۾ استاد آهي.
رجب ’آزاد‘ 1989ع کان لکڻ جي شروعات ڪئي. هن شاعري، ڪهاڻيون، مضمون، ڪالم ۽ ٽي. وي ڊراما لکيا آهن. هن طنز و مزاح تي ٻَڌل دلچسپ شاعري بہ ڪئي آهي.
رجب ’آزاد‘ الشفيع پبليڪيشن دادو، غالب پبليڪيشن دادو، بزم غالب دادو ۽ نيو انجمن آفتاب ادب جو ميمبر، عهديدار ۽ دادوءَ مان نڪرندڙ مخزن ’نئين خوشبوءِ‘ ۽ ’رم جهم‘ جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر رهي چڪو آهي.
رجب ’آزاد‘ جي ڇپيل ڪتابن ۾: (1) رانڀوٽا (مزاحيہ شاعري: 1998ع)، (2) ڌمچر (مزاحيہ شاعري: 1999ع)، (3) ڪارو چشمو (مزاحيہ ڪهاڻيون: 1999ع) شامل آهن.
هي ٽي وي ۽ اسٽيج جو اداڪار ۽ ڪمپيئر بہ رهيو آهي. هن جي مشھور ڊرامن ۾ ’پهاڄ‘، ’اعتبار‘، ’ماني ۽ ويساھہ‘ وغيرہ شامل آهن.