
رجب رضا
رجب رضا: سنڌ جو ناليوارو موسيقار رجب رضا ولد خير محمد خان 1950ع ڌاري حيدرآباد ۾ ڄائو. سندس والد استاد خير محمد خان مشھور راڳي هو. رجب رضا کي موسيقي ورثي ۾ ملي، سندس گهر جا سمورا ڀاتي موسيقيءَ سان وابستہ هئا. راڳ جي بنيادي تعليم پنھنجي والد استاد خير محمد کان ورتائين. هن کي ننڍيءَ عمر ۾ والد راڳ جي وڌيڪ سکيا لاءِ استاد لال بخش خان ۽ رمضان خان جي سرپرستيءَ هيٺ آندو، جنهن کان پوءِ رجب علي رضا برصغير جي عظيم ڪلاسيڪل گويي استاد بڙي غلام علي خان کان بہ سکيا ورتي.
رجب رضا سنڌ جو سريلو موسيقار هو، کيس هارمونيم وڄائڻ تي ڪافي عبور حاصل هو. هن دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيو. رجب رضا ريڊيو پاڪستان حيدرآباد سان وڏو وقت لاڳاپيل رهيو ۽ ڪجهہ وقت لاءِ ماڊل اسڪول سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ميوزڪ ٽيچر ٿي رهيو. رجب رضا ثقافت کاتي جي قائم ڪيل ميوزڪ اڪيڊمي جو ڊائريڪٽر بہ رهيو. هن پنھنجي زندگيءَ ۾ 1500 کان وڌيڪ ڌنون ترتيب ڏنيون، جيڪي محمد يوسف، عابدہ پروين، فوزيہ سومرو، حميره چنا ۽ ٻين فنڪارن ڳايون. رجب رضا 2007ع ۾ 57 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. کيس ٽنڊي يوسف جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.