رحمان بابا

رحمان بابا

رحمان بابا جو مقبرو

رحمان بابا جو مقبرو

رحمان بابا

رحمان بابا: رحمان بابا، مغل دور ۾، پشتو زبان جو مشھور عوامي ۽ صوفي شـاعر ٿي گذريو آهي، جنهن کي پٺاڻ فارسي زبان جي نامور شـاعر حـافـظ شيـرازيءَ جهڙو ادبي ۽ روحاني درجو ڏين ٿا. هي افغانستان توڙي پاڪستان جو روحاني عوامي شاعر ليکيو وڃي ٿو. هن جي شاعريءَ ۾ امن پسند صوفياڻي، عوامي مقامي تھذيب جو رنگ نظر اچي ٿو، جنهن ۾ رواداري، سهپ، وطن دوستي ۽ انسان دوستيءَ جا قدر نمايان آهن.
رحمان بابا جو پورو نالو عبدالرحمان ولد عبدالستار هو. سندس واسطو خليل مهمند (بھادر ڪلي) جي پشتونن جي هڪ نُک سان آهي، جيڪي قنڌار مان تيرهينءَ کان سورهين صديءَ ڌاري لڏي اچي پشاور واديءَ ۾ آباد ٿيا هئا.
رحمان بابا پشاور کان ٽي ميل ڏکڻ طرف ڳوٺ بھادر ڪلي ۾ 1650ع ڌاري پيدا ٿيو. هن ملا يوسف زئيءَ کان فقھ ۽ تصوف جي ابتدائي تعليم حاصل ڪئي. ان کانپوءِ ڪوهاٽ وڃي وڌيڪ علمن جي تحصيل ڪيائين. ان کانسواءِ حاجي عبدالله خويشگي قصوري المعروف حاجي بھادر ڪوهاٽيءَ کان بہ علم حاصل ڪيائين.
رحمان بابا پنھنجي سموري زندگي زهد ۽ پرهيزگاريءَ ۾ گذاري. هن افغانن ۾ خداشناسي، پرهيزگاري، حق پرستي ۽ انسانيت جي تعليم کي عام ڪيو، ان ڪري عوام وٽ سندس ’بابا‘ (خدا جو برگزيده بندو) لقب مشھور ٿي ويو. رحمان بابا جو مسلڪ ’صلح ڪل‘ هو ۽ هُو فرقيوارانه تعصب کان هميشہ پري رهيو. هو اڪثر چوندو هو تہ:
• ”مون کي صرف عشق سان سروڪار آهي ۽ عشاق کانسواءِ ٻئي ڪنهن سان بہ منهنجو ڪو واسطو نہ آهي.
• آءٌ ڪنهن سون جي ڪوپ ۾ پاڻي پيئڻ کان مٽيءَ جي پيالي ۾ پاڻي پيئڻ کي ترجيح ڏيان ٿو.
• مون لاءِ غريبي شهنشاهيت کان وڌيڪ حرمت واري آهي.“
رحمان بابا جي مسلڪ بابت ڪن عالمن جي راءِ آهي تہ هو تصوف جي چشتي طريقي سان واسطو رکندو هو. سعد احمد بخش ۽ اينيمري شمل جو خيال آهي تہ هو چشتيه مسلڪ کان وڌيڪ تصوف جي قادري سلسلي سان لاڳاپيل هو.
رحمان بابا جي هٿ اکري ديوان جا ڪيترا قلمي نسخا 1728ع ڌاري دنيا اندر پکڙجي ويا. سندس اصلي هٿ اکري ديوان جا 25 کن نسخا دنيا جي ڌار ڌار لائبررين ۾ اڄ بہ موجود آهن، جن مان 10 پشتو اڪيڊمي پشاور ۾، 4 برٽش لائبرريءَ ۾، 3 پئرس جي نئشنل لائبرريءَ ۾ ملن ٿا، جڏهن تہ جان رائلينڊ لائبرري، مانچسٽر، آڪسفرڊ لائبرري ۽ عليڳڙھہ يونيورسٽي لائبرريءَ ۾ بہ ڪجهہ نسخا موجود آهن.
رحمان بابا جي ديوان جو پهريون ڇاپو 1877ع ۾ لاهور مان ڇپجي پڌرو ٿيو، جيڪو اڄ ڏينهن تائين مستند سمجهيو وڃي ٿو.
رحمان بابا جي 111 نظمن جو انگريزي منظوم ترجمو، ارباب هدايت الله، غوري خيل مهمند، 2009ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.
رحمان بابا، پشتو شاعريءَ ۾ هڪ خاص ’ادبي دبستان‘ جو باني هو، جنهن جو اثر ملا عبدالرحيم هوتڪ، پير محمد ڪاڪڙا، عبدالعظيم رانيزي وغيرہ جي شاعريءَ ۾ ملي ٿو ۽ ان کانپوءِ جي اڪثر شاعرن رحمان بابا کي پنهنجو استاد مڃيو آهي. رحمان بابا جو ديوان پشتو زبان جي درسي نصاب ۾ بہ شامل آهي. قديم دؤر کان وٺي افغان ’ديوان رحمان بابا‘ مان اڪثر فال وجهندا آهن.
رحمان بابا جي وفات جو حتمي سال تہ معلوم نہ آهي، پر رحمان بابا، ’شاھہ عالم ۽ اعظم جي جنگ‘ 1119ھہ/ 1707ع ۾ مارجي ويل گل خان ۽ جمالي خان جو ذڪر ڪيو هو، جنهن کان ڏهاڪو سال پوءِ هن وفات ڪئي، جنهنڪري سندس وفات جو سال عام طور 1715ع ليکيو وڃي ٿو.
رحمان بابا جي مزار ۽ مقبرو پشاور کان ڏکڻ طرف هزار خواني، رنگ روڊ ڀرسان موجود آهي، جتي عقيدتمند هميشہ سندس شاعريءَ جو ورد ڪندا رهندا آهن. هر سال سندس مزار تي اپريل مهيني ۾ سندس ورسي ملهائي ويندي آهي.
6 مارچ 2009ع تي رحمان بابا جي مقبري تي ڪن مذهبي انتهاپسندن بم سان حملو ڪيو هو، جنهن ۾ مقبري جي ڪجهہ ٿنڀن کي نقصان رسيو. هن بزدلاڻي حملي کي سنڌ سميت سڄي پاڪستان جي امن پسند ماڻهن سخت لفظن ۾ ننديو هو، ڇو تہ رحمان بابا انسانن ۾ برابري ۽ محبت پکيڙيندڙ شاعر هو، جنهن جي شاعري اڄ بہ مذهبي ڪٽرپڻي ۽ انتهاپسنديءَ کي رد ڪري ٿي.
رحمان بابا جي شاعريءَ تي پشتو، سنڌي، پنجابي ۽ اردو زبانن ۾ ڪافي لکيو ويو آهي. شاھہ عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽيءَ، ’پاڪستان جا صوفي شاعر‘ ڪتاب (ليکڪ: طارق عزيز شيخ ۽ ڪمال ڄامڙو) ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.
رحمان بابا جي شاعري، شخصيت ۽ زندگي، سنڌ جي قومي شاعر شاھہ لطيف سان ڪافي هڪجهڙائي رکندي هئي. سندس شاعريءَ جو تقابلي اڀياس تاج جويي پنھنجي هڪ مقالي ۾ پيش ڪيو آهي، جيڪو ملتان جي اديب ۽ عالم ڊاڪٽر طاهر تونسويءَ جي شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ بابت ترتيب ڏنل ڪتاب لطيف شناسيءَ ۾ شايع ٿي چڪو آهي.


لفظ رحمان باباھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2009.03.06  عيسوي

6 مارچ 2009ع تي رحمان بابا جي مقبري تي ڪن مذهبي انتهاپسندن بم سان حملو ڪيو هو، جنهن ۾ مقبري جي ڪجهه ٿنڀن کي نقصان رسيو. هن بزدلاڻي حملي کي سنڌ سميت سڄي پاڪستان جي امن پسند ماڻهن سخت لفظن ۾ ننديو هو، ڇو ته رحمان بابا انسانن ۾ برابري ۽ محبت پکيڙيندڙ شاعر هو، جنهن جي شاعري اڄ به مذهبي ڪٽرپڻي ۽ انتهاپسنديءَ کي رد ڪري ٿي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

الانا جي
اقبال احمد پيرزادو ڊاڪٽر
مير انيس
اوڌو داس وشنداس ڀارواڻي
آتش سنڌي
ساحر راهو
عيسو ميون
حافظ محمد هارون دلگير ٽکڙائي
شير محمد شيرل
پرمانند پياسي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون