رحمان سورة

رحمان (سورة): هيءَ قرآن مجيد جي پنجونجاهين (55) سورة آهي، جنهن ۾ 78 آيتون آهن. مفسر ۽ عالم عام طور هن سورة کي مڪي سورة چون ٿا. هيءَ اڪيلي سورة آهي، جنهن ۾ انسانن سان گڏ زمين تي بااختيار مخلوق ’جنن‘ کي بہ سڌو سنئون خطاب ڪيو ويو آهي ۽ ٻنهيءَ (انسانن ۽ جنن) کي پاڪ جي قدرت، ڪمال ۽ بي حساب احسانن جو احساس ڏياري، سندس نافرماني ڪرڻ جي بُري انجام کان ڊيڄاريو ويو آهي، گڏوگڏ فرمانبرداريءَ جي بهتر نتيجن کان بہ آگاھہ ڪيو ويو آهي.
هيءَ سورة هن ڳالھہ جي بہ خاص وضاحت ڪري ٿي تہ رسول ڪريم صلي عليہ وسلم ۽ قرآن مجيد جي دعوت، جنن ۽ انسانن ٻنهي لاءِ آهي ۽ سندس رسالت فقط انسانن تائين محدود ناهي.
هيءَ سورة هڪ پر جوش ۽ خوش بيان خطبو آهي، جنهن ۾ تعاليٰ جي قدرت جي هڪ هڪ عجوبي، سندس عطا ڪيل نعمتن، سندس رحمان ۽ قهار هئڻ ۽ جزا- سزا جي تفصيلن کي چٽو بيان ڪيو ويو آهي.
هن سورة ۾ جنن ۽ انسانن کان وري وري سوال ڪيو ويو آهي تہ ”فَبِاَيِّ آلاَءِ رَبِّڪُمَاتُکَذِّبـٰنِ“ (توهان پنھنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪندؤ؟).
هن سورة ۾ انهن انعامن جي بہ ڄاڻ ڏني وئي آهي، جيڪي آخرت ۾ نيڪوڪار انسانن ۽ جنن کي عطا ڪيا ويندا، جن دنيا ۾ خدا ترسيءَ جي حياتي گذاري ۽ اها پڪ ڄاڻندي چڱا ڪم ڪيا، تہ آخر هڪ ڏينهن کين پنھنجي رب جي آڏو بيهي پنھنجي عملن جو حساب ڏيڻو پوندو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو