رحمان قلي چرڪس: مغل دؤر ۾ جڏهن سنڌ تي بختيار بيگ مغل گورنر مقرر ٿي آيو تہ هن انتظام پاڻ سنڀاليو. هن وٽ رحمان قلي نالي هڪ چرڪس غلام هو، جيڪو وڏو تلوارباز هو ۽ کيس جنگي مهارت حاصل هئس. بختيار بيگ پنجاھہ سوار ڏئي رحمان قلي چرڪس کي سن شھر ۾ ويهاري ڇڏيو. هڪ ڏينهن سن شھر ۾ مغل فوج تي نومڙين حملو ڪري گهڻو نقصان رسايو، جڏهن رحمان قليءَ کي اهو اطلاع مليو تڏهن لشڪر ساڻ ڪري انهن جي پويان ويو ۽ رستي ۾ نومڙين ۽ رحمان قليءَ جي وچ ۾ جنگ شروع ٿي ۽ رحمان قلي نومڙين مان ڪن کي گرفتار ڪيو ۽ انهن جون سسيون وڍي بختيار بيگ ڏانهن موڪليو. انهيءَ کانپوءِ رحمان قلي، اڪبرآباد ڳوٺ ۾ وڃي ماڇين جي ڳوٺ تي چڙهائي ڪري ڦرلٽ ڪئي. جڏهن بختيار بيگ، نوحاڻي بلوچن سان ويڙھہ لاءِ لشڪر وٺي نڪتو تہ رحمان قليءَ بہ هن سان گڏ هو. انهيءَ جنگ ۾ نوحاڻي بلوچن جا سترهن سردار مارجي ويا، پر هڪ بھادر شخص توتان نوحاڻيءَ، مغل لشڪر سان وڏي چڪري ڏني ۽ مغل لشڪر جا سٺ ستر سپاهي ماري وڌا. آخرڪار توتان نوحاڻيءَ جي مقابلي ۾ رحمان قلي آيو. توتان نوحاڻيءَ، رحمان قليءَ تي پهريون ئي اهڙو وار ڪيو، جو رحمان قلي گهوڙي تان وڃي هيٺ ڪريو، جنهن بعد ٻنهي جو سخت مقابلو ٿيو. رحمان قليءَ کي زرھہ پيل هئي، جنهنڪري توتان جي وارن جو مٿس ڪو بہ اثر نہ ٿي سگهيو، پر رحمان قليءَ جو هر وار توتان کي زخمي ڪندو رهيو. آخرڪار توتان وڙهندي وطن تان وارجي ويو. سندس نالو مغل دور جي سنڌي شھيدن ۾ سر فهرست آهي.
ڪجهہ عرصي کانپوءِ بختيار بيگ، ميرزا جاني بيگ ترخان جي جاگير جي ڪجهہ ڳوٺن کي سن پرڳڻي ۾ شامل ڪرڻ لاءِ رحمان قليءَ کي مقرر ڪيو. ٻئي ڀيري چاڪر هالي جي راڄڌانيءَ (جيڪا ان وقت مرزا جاني بيگ ترخان پنھنجي قبضي ۾ هئي) ۾ انڙپور پرڳڻن جي ڳوٺن خاسائي شوري ۽ ٻڍاپور جي مھم سر ڪرڻ لاءِ بختيار بيگ رحمان قليءَ کي 50 سوار ڏئي موڪليو. رحمان قلي سن پرڳڻي جي ڳوٺ خاصائي شوري پهتو ۽ ربيع جي فصل جو ان ڦري پنھنجي قبضي ۾ ڪيائين ۽ ان ٻيڙين ۾ ڀرائي، سيوهڻ اماڻي، پاڻ وري ٻڍاپور جون ٻنيون هٿ ڪرڻ لاءِ اوڏانهن روانو ٿيو. انهيءَ وچ ۾ خسرو بيگ، جيڪو مرزا جاني بيگ پاران ٺٽي جو حاڪم هو، چاڪر هالي ۽ نصرپور جي راڄڌانيءَ جا لشڪر وٺي، رحمان قليءَ سان جنگ لاءِ تيار ٿيو. اهو لشڪر ٺھي ٺڪي اچي شورن ۾ جي ڳوٺ وٽ ويٺو. رحمان قلي، بختيار بيگ کي چوائي موڪليو تہ: ٺٽي جو لشڪر اچي ڪڙڪيو آهي. جيڪڏهن اوهان مهرباني ڪري پنهنجو جنگي هاٿي ڪجهہ سپاھہ سان گڏ، مون ڏانهن ڏياري موڪليو تہ هنن سان نبري وٺندس.“ پر بختيار بيگ ۽ رحمان قلي ۾ اختلاف ٿي پيا هئا، ان ڪري بختيار بيگ آڪڙجي کيس خط لکيو تہ: ”نامراد! تو بہ جيڪا کيپ کٽي سا ڏيھہ ڏٺي! مون کان ڪهڙي منهن سان سپاھہ ۽ هاٿيءَ جي گهر ڪري رهيو آهين“ اهو پڙهي هي مختصرلشڪر سان خاصائي شوري ڳوٺ ڏانهن روانو ٿيو. ٻئي پاسي ٺٽي جو لشڪر پوريءَ طرح هٿياربند ٿي سامهون آيو. ڇتي ويڙھہ ٿي. رحمان قلي پنجويهن ساٿين سميت مارجي ويو. باقي سپاهين مان ڪي گرفتار ٿيا تہ ڪي جنگ جو ميدان ڇڏي ڀڄي ويا.