رحمان ڍيري (Rehman Dheri): رحمان ڍيريءَ جو ماڳ اوائلي سنڌو تھذيب واري مرحلي کي سمجهڻ لاءِ ڄڻ سونهن جو بنيادي ڪم ڪري ٿو. هن جو پهريون دؤر جيڪو ثقافتي ميڙ وانگر آهي، جنهن ۾ ٺڪراٺو بنھہ مقامي نموني جو آهي، جنهن ۾ ٿوري تعداد ۾ نقشي ٺڪراٺو ملي ٿو، جيڪو ڪوٽڏجي ماڳ جو ڀيچي آهي، ان سان گڏ هندستان جي ماڳ ليوان (Lewan) ۽ گملا سان بہ هڪجهڙائي ڏسي ٿو. رحمان ڍيري انهيءَ دور ۾ ٻين ان وقت جي ماڳن کان علحده شھر ڪو نہ هو. هن جا سنڌ جي هيٺئين حصي ۾ سڀني شهرن سان مضبوط لاڳاپا هئا. ٻئي دور ۾ ڪوٽڏجي نموني جو ٺڪراٺو ڪافي تعداد ۾ مليو آهي، جنهن تي پپر جو پن، مور پکيءَ جو چٽ، هڪٻئي کي ڪٽيندڙ گولڙا، گول ۽ مڇيءَ جو چٽ ملي ٿو. اهو ٺڪر جو نمونو ٽئين دور ۾ داخل ٿي سنڌوءَ جي اوج (Mature) واري دور ۾ داخل ٿئي ٿو. انهيءَ دور مان اهو ئي ٺڪر ملي ٿو جيڪو هڙپاءِ موهن جي دڙي مان مليو آهي، جنهن کي بدقسمتيءَ سان ائين سمجهيو ويو آهي تہ اهو ٿانءُ اولھہ ايشيا مان گهرايو ويندو هو. مڻين جي موجودگي (يعني لاجورد پٿر، فيروزه، عقيق ۽ ڳاڙهو پٿر) ٻڌائي تہ شھر جو واپار تمام پري تائين يعني گجرات کان ترڪمانيه تائين هلندو هوندو.
ٻئي دور جي ٺڪراٺي ۾ گهڻو تعداد اهڙي ٺڪر جو آهي، جنهن تي نقش نڪتل آهن. ڪن ٿانون تي نقش ٿانون جي تري تي نڪتل آهن، تہ ڪن ٿانون تي نقش ڪنن (Rins) ڪڍيا ويا آهن. چٽن ۾ درجن کن نمونا ملن ٿا، جيڪي سنڌوءَ تھذيب جي اوج واري دور ۾ چٽيا ويندا هئا. تنهن جي ڪري ماڳ جي کوٽائي ڪندڙ ايف. اي دراني ائين سمجهڻ ۾ حق بجانب هو تہ اهي آڏا ابتا ليڪا يا ٿانون تي ڪوجهيون لکتون اڳتي هلي سنڌو لکت جو بنياد ٿيون. نہ صرف سنڌو لکڻ جو، پر اولھہ ايشيا جون جيڪي بہ لکتون آهن، تن جو بنياد اهي تصويرون، نقش وغيرہ جيڪي ٿانون تي چٽيا هئا، آهن. ٻئي دور مان ڪچين سِرن جا گهر، ڪچي مٽيءَ جا پليٽ فارم ۽ ڪچين سرن جا قلعا مليا آهن. ان لاءِ اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو تہ اڏاوتن جا ننڍا وڏا نمونا هن ئي دور ۾ٺهڻ شروع ٿيا. ان لاءِ پڪ سان چئي سگهجي ٿو تہ آمرن ۽ ڪوٽڏجي جون عمارتون يا اڏاوتون اوج واري دور کان اڳ ڊهي ويون هونديون. اندازو آهي تہ اوائلي دور کان سنڌو تھذيب ڏانهن سفر وارو مرحلو 3500 ق. م کان 3100 ق. م تائين هليو هوندو.
رحمان ڍيري- I جو عرصو 3380 ق. م کان 3040 ق. م يا 3500 کان 3000 ق. م ليکيو وڃي ٿو. ڪوٽڏيجي اوائلي تھہ جو دور، اهو تھہ جيڪو قلعي بند شھر جو آهي، ان جو عرصو 3370 ق.م يا ٿلهي ليکي 3300 ق.م ڪٽيل آهي. ساڳيو عرصو اوائلي سنڌو سرسوتي تھذيب جو بہ ڳڻيو وڃي ٿو. تنهن ڪري ائين سمجهڻ گهرجي تہ سنڌو تھذيب ۾ ننڍا شھر توڙي وڏن شهرن ٻڌڻ جو سلسلو چوٿين سهسر يا پوئين هزاريءَ جي وچ کان شروع ٿيو.