
رحمة للعالمين صلي الله عليه وسلم
رحمة للعالمين صلي ﷲ عليہ وسلم (ڪتاب): سيرت النبي صلي ﷲ عليہ وسلم بابت هي ڪتاب اصل ۾ توفيق الحڪم، عربيءَ ۾ لکيو هو، جنهن کي عربيءَ مان اردوءَ ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد ترجمو ڪيو. ان ڪتاب جو اردوءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو پروفيسر اسدالله ڀُٽي ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ حضرت محمد صلي ﷲ عليہ وسلم جي ولادت کان وٺي وصال تائين جي تاريخ کي منظر نگاريءَ سان ۽ مڪالمن جي صورت ۾ عمدي انداز ۾ لکيو ويو آهي. پڙهندڙ پوري ڪتاب کي پڙهڻ دوران ڪٿي بہ بوريت جو شڪار نٿو ٿئي. نبي پاڪ صلي ﷲ عليہ وسلم جي سيرت پاڪ کي سمجهڻ لاءِ هي هڪ اهم ڪتاب آهي.
ڪتاب جي شروعاتي صفحن ۾ مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور جي سيڪريٽري، قمر ميمڻ پبلشر نوٽ لکيو آهي. ڪتاب جا پيش لفظ محمد يوسف شيخ لکيا آهن، جڏهن تہ مترجم پروفيسر اسد ﷲ ڀٽي بہ پنھنجي پاران خيالن جي اظهار جي طور مختصر تحرير ڏني آهي.
ڪتاب جي سنڌي ترجمي جو پهريون ڇاپو 1982ع ۾ تنظيم ’فڪر و نظر‘ ڇپايو هو، جڏهن تہ هن ڪتاب جو ٻيو ۽ ٽيون ڇاپو مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور، ترتيبوار فيبروري 2001ع ۽ مارچ 2003ع ۾ ڇپايو. هن ڪتاب جو ٽيون ڇاپو ڊيمي سائيز جي 264 صفحن تي مشتمل آهي. هي ڪتاب پڪي بائينڊنگ ۾ رنگين ٽائيٽل سان سينگاريل آهي، جنهن جي قيمت 90 روپيا آهي.