رحمت الله شيخ: شيخ رحمت الله ولد قاضي عبدالله درٻيلوي وڏو عالم ٿي گذريو آهي. پنهنجي پيءُ جي ڇڏيل درسگاهه سنڀاليندو هو، جتي ڪئي دين جا پروانا ۽ متوالا قرآن، حديث، فقه ۽ تفسير جي حصول لاءِ وٽس ايندا هئا. هو پنهنجي دور جو جديد عالم هو. ’مناسڪ الحج‘ تي سندس ٽي رسالا يادگار آهن، جيڪي اڻلڀ ڪتابن ۾ شامل ڪيا وڃن ٿا. مديني پاڪ ۾ قاضي قاضن ساڻس صحبت ڪئي هئي. ’المنسڪ المتوسط‘ نالي سندس عربي ۾ هڪ رسالو آهي، جنهن جي شرح ملا علي قاريءَ لکي آهي. 12 محرم الحرام 993هه/ 1584ع تي مڪي پاڪ ۾ وفات ڪيائين ۽ اتي ئي دفنايل آهي.: شيخ رحمت الله ولد قاضي عبدالله درٻيلوي وڏو عالم ٿي گذريو آهي. پنهنجي پيءُ جي ڇڏيل درسگاهه سنڀاليندو هو، جتي ڪئي دين جا پروانا ۽ متوالا قرآن، حديث، فقه ۽ تفسير جي حصول لاءِ وٽس ايندا هئا. هو پنهنجي دور جو جيد عالم هو. ’مناسڪ الحج‘ تي سندس ٽي رسالا يادگار آهن، جيڪي اڻلڀ ڪتابن ۾ شامل ڪيا وڃن ٿا. مديني پاڪ ۾ قاضي قاضن ساڻس صحبت ڪئي هئي. ’المنسڪ المتوسط‘ نالي سندس عربي ۾ هڪ رسالو آهي، جنهن جي شرح ملا علي قاريءَ لکي آهي. 12 محرم الحرام 993هه/ 1584ع تي مڪي پاڪ ۾ وفات ڪيائين ۽ اتي ئي دفنايل آهي.