رحمت الله بهڻ

رحمت الله بهڻ

رحمت ﷲ بھڻ

رحمت بھڻ: حاجي رحمت ولد حاجي خان محمد بهڻ، ضلعي نوشهري فيروز جو مشھور سياسي اڳواڻ ۽ زميندار آهي. سندس جنم 1932ع ۾ موري لڳ ڳوٺ ڌيرڻ ۾ ٿيو ۽ اڄ بہ انهيءَ ساڳئي ڳوٺ ۾ رهي ٿو. رحمت بهڻ، ننڍو ئي هو تہ سندس والد گذاري ويو، پوءِ چاچي جي پرورش هيٺ رهيو. سياسي طور هن جا پهرين تعلقي موري جي کيڙا خاندان سان ۽ پوءِ جتوئي خاندان سان تعلقات رهيا. 1962ع واري بي. ڊي اليڪشن دؤران جتوئين سان ناتا ٽوڙي، پير صاحب پاڳاري جي ويجهو ٿيو. جنرل ضياء جي دؤر ۾ مجلس شوريٰ جو بہ ميمبر رهيو، 1977ع جي چونڊن ۾ پيپلز پارٽيءَ جي مخالفت ڪيائين، پر اڳتي هلي 1988ع ڌاري ڄام صادق علي ۽ سيد ظفر علي شاھہ جي ڪوششن سان پ پ جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبليءَ جي چونڊ وڙهيو، هن پير صاحب پاڳاري جي اجازت سان اها چونڊ وڙهي ۽ غلام مصطفيٰ جتوئيءَ کان کٽيائين، پر 1990ع جي اليڪشن ۾ ڪامياب نہ ٿي سگهيو. 1993ع وارين چونڊن ۾ هن جتوئي خاندان سان ٻيهر ناتا بحال ڪيا ۽ پ پ جي ٽڪيٽ تي بيٺل اميدوار ملهار راڄپر سامهون چونڊ وڙهيو، پر شڪست کاڌائين. حاجي رحمت خوش مزاج ۽ مهمان نواز شخص آهي. شاهنواز جوڻيجي کانپوءِ سنڌ ۾ بھڻ'>رحمت بھڻ کي ئي ڪلاسيڪل وڏيرو سمجهيو وڃي ٿو، ڇو تہ هو بھترين امين، ڪچهريءَ جو مور ۽ گهوڙن پالڻ جو شوقين آهي. سندس چونئري جي طرز تي ٺهيل اوطاق سنڌ ۾ تعمير جو هڪ نادر نمونو آهي، جتي هر وقت محفلون ۽ ڪچهريون متل هونديون آهن. پير پاڳاري شاھہ مردان شاھہ سان خاص ناتا هئس، ۽ سياسي تبديلين سبب انهن ناتن ۾ ڪڏهن بہ گهٽ وڌائي نہ آندائين ۽ نہ ئي پير صاحب کانئس شاڪي رهيو. پير صاحب خيرپور ويندي يا ڪراچيءَ ويندي حاجي رحمت جي اوطاق تي ضرور ترسندو هو، جتي پير صاحب لاءِ خاص رهائش گاھہ ٺهرائي هئائين. حاجي بھڻ'>رحمت بھڻ جو اولاد بہ پيءُ وانگر ناتا نڀائي ڄاڻي ۽ هن وقت ڪاروبار ۽ سياسي وهنوار سنڀالي رهيا آهن.


لفظ رحمت ﷲ بھڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو