رحمت ﷲ خليفو

رحمت الله، خليفو: خليفو رحمت ولد خضر خان سهتو، 6 جون 1913ع تي ڳوٺ آيوءَ، تعلقي ناري، ضلعي خيرپور ۾ پيدا ٿيو. ويجهي دور جو هڪ بلند پايه شاعر ۽ ذهين طبع شخص ٿي گذريو آهي. پير مٺا سائينءَ جي خليفن مان هو.
12 اپريل 1920ع تي ڀنگو بھڻ اسڪول ۾ استاد غلام محمد خان ميمڻ وٽ تعليم وٺڻ لاءِ داخل ٿيو ۽ 1925ع ۾ فائنل پاس ڪيائين. اردوءَ ۾ بہ فائنل ڏنائين. ان کان سواءِ سنڌيءَ ۾ اديب فاضل جا امتحان ڏنائين. ننڍپڻ کان انتهائي ذهين ۽ تيز دماغ هو. پيشي جي حوالي سان پرائمري استاد هو. ديني علم ۾ سندس گهڻي دلچسپي رهي. تصوف جي ڄاڻ لاءِ حضرت روضي ڌڻيءَ جي ملفوظات جي مطالعي سان گڏ ٻين بزرگن جي حالاتِ زندگي، تاريخ ۽ فقھ جي ڪتابن جو بہ مطالعو ڪيائين. پير پاڳاري (اول) جي سوانح حيات تي مشتمل ڪتاب ڇپرايائين. ان کان سواءِ ملفوظات شريف ’اخبار الفقراء‘ ۾ شايع ڪرايائين.
سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمون موڪلي سنڌي ادب جي خدمت ڪيائين هن سھتا ذات تي بہ ڪافي ڪجهہ لکيو آهي.
مرشد طرفان کيس خلافت جو خرقو بہ عطا ٿيو. مارشل لا جي دور ۾ کيس ۽ سندس خاندان کي ڪافي اذيتون ڏنيون ويون، کيس جيل حوالي ڪيو ويو ۽ سندس ڪجهہ عزيز بہ ماريا ويا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1913.06.06  عيسوي

خليفو رحمت الله ولد خضر خان سهتو، 6 جون 1913ع تي ڳوٺ آيوءَ، تعلقي ناري، ضلعي خيرپور ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جعفري علي سردار
عالم خان مري
خانواڻي روچيرام تيرٿداس
شاھہ اسماعيل ڀڙي وارو
شھاب الدين حڪيم
ڌرمپال اگروال
ڀائي آسنداس
پليجو مخدوم يعقوب
چارلس بريڊلي پرچرڊ (Charles Bradley Pritchard)
منور علي سومرو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون