رحمت ﷲ شيخ

رحمت شيخ: شيخ رحمت ولد قاضي عبدالله درٻيلوي وڏو عالم ٿي گذريو آهي. پنھنجي پيءُ جي ڇڏيل درسگاھہ سنڀاليندو هو، جتي ڪئي دين جا پروانا ۽ متوالا قرآن، حديث، فقہ ۽ تفسير جي حصول لاءِ وٽس ايندا هئا. هو پنھنجي دور جو جديد عالم هو. ’مناسڪ الحج‘ تي سندس ٽي رسالا يادگار آهن، جيڪي اڻلڀ ڪتابن ۾ شامل ڪيا وڃن ٿا. مديني پاڪ ۾ قاضي قاضن ساڻس صحبت ڪئي هئي. ’المنسڪ المتوسط‘ نالي سندس عربي ۾ هڪ رسالو آهي، جنهن جي شرح ملا علي قاريءَ لکي آهي. 12 محرم الحرام 993ھہ/ 1584ع تي مڪي پاڪ ۾ وفات ڪيائين ۽ اتي ئي دفنايل آهي.: شيخ رحمت ولد قاضي عبدالله درٻيلوي وڏو عالم ٿي گذريو آهي. پنھنجي پيءُ جي ڇڏيل درسگاھہ سنڀاليندو هو، جتي ڪئي دين جا پروانا ۽ متوالا قرآن، حديث، فقہ ۽ تفسير جي حصول لاءِ وٽس ايندا هئا. هو پنھنجي دور جو جيد عالم هو. ’مناسڪ الحج‘ تي سندس ٽي رسالا يادگار آهن، جيڪي اڻلڀ ڪتابن ۾ شامل ڪيا وڃن ٿا. مديني پاڪ ۾ قاضي قاضن ساڻس صحبت ڪئي هئي. ’المنسڪ المتوسط‘ نالي سندس عربي ۾ هڪ رسالو آهي، جنهن جي شرح ملا علي قاريءَ لکي آهي. 12 محرم الحرام 993ھہ/ 1584ع تي مڪي پاڪ ۾ وفات ڪيائين ۽ اتي ئي دفنايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو