رحمت الله لاشاري

رحمت الله لاشاري

رحمت ﷲ لاشاري

رحمت لاشاري: سنڌ جو نامور ڪالم نگار، مضمون نگار ۽ سگهڙ مولوي رحمت ولد فقير شاهنواز لاشاريءَ جو جنم، 02 جنوري 1982ع ڌاري ڳوٺ حاجي مير محمد لاشاري، تعلقي ميهڙ، ضلعي دادوءَ ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم ڳوٺ ٻنڊي، تعلقي ڏوڪريءَ مان ۽ مڊل موئن جي دڙي مان ڪيائين ۽ ديني تعليم درسگاھہ آباد، ڪنڊياري مان پڙهيو. پيشوراڻي زندگيءَ جو آغاز هڪ مسجد ۾ پيش امام طور ڪيائين ۽ اڃا تائين پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي ۽ گڏوگڏ سنڌي صحافت سان بہ لاڳاپيل آهي. سندس ڪالم ۽ مضمون جن جو تعداد ٻہ سؤ کان بہ وڌيڪ آهي. سنڌ جي مختلف اخبارن ۾ آڪاش عاجز جي نالي سان ڇپجندا رهيا آهن. سگهڙائپ جي شروعات 1997ع ۾ سنڌ جي نامور سگهڙ استاد فقير محمد ملوڪ عباسيءَ سان ملاقات کان پوءِ ڪئي، جنهن کيس ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي متعارف ڪرايو، جتي هن تمام گهڻي مڃتا حاصل ڪئي. هن وقت تائين سندس آواز ۾ نعت خوانيءَ جون آڊيو ۽ وڊيو سي ڊيز رليز ٿيون. مارچ 2004ع ۾ قائم ٿيل سنڌ ۽ بلوچستان جي سگهڙن جي تنظيم ’سنڌ سگهڙ سنگت لوڪ ادب ويلفيئر تنظيم‘ (سلات) جي بانيڪارن مان آهي.
رحمت لاشاري سنڌ ۾ ٿيندڙ ثقافتي ۽ سگهڙن جي ڪچهرين ۾ شريڪ ٿي ڪيترن ئي پروگرامن ۽ سگهڙ ڪانفرنسن جي صدارت پڻ ڪندو آهي. کيس پنھنجي فن جي مڃتا طور ڪيترائي اوارڊ ۽ ٻيا انيڪ انعام پڻ ملي چڪا آهن، جن ۾ دولھہ دريا خان اوارڊ (1998ع)، استاد محمد ملوڪ عباسي اوارڊ (2000ع)، سڄاڻ سگهڙ اوارڊ (2004ع) ۽ شھباز اوارڊ (2003ع) شامل آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (1) رحمت جا خزانا، (2) رمزون رحمت جون، (3) مولود ۽ مداحون، (4) رنگ رحمت جا.
هن وقت ڄام شوري ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1982.01.02  عيسوي

سنڌ جو نامور ڪالم نگار، مضمون نگار ۽ سگهڙ مولوي رحمت الله ولد فقير شاهنواز لاشاريءَ جو جنم، 02 جنوري 1982ع ڌاري ڳوٺ حاجي مير محمد لاشاري، تعلقي ميهڙ، ضلعي دادوءَ ۾ ٿيو.



سُگھڙ - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

مبارڪ عاطف لغاري
قائم الدين سھتو
غلام قادر ڀٽو
پلي سگهڙ محمد عالم
برڪت علي خان جلالاڻي
تاج محمد هاليپوٽو
عبدالرحمان مهيسر
دينار مري حاجي
حاجي احمد خان مري
سگهڙ
سُگھڙ ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون