
رحمت الله ماڃوٺي
رحمت ﷲ ماڃوٺي: سنڌ جي مشھور ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نگار، رحمت ﷲ ماڃوٺيءَ، 25 مارچ 1957ع تي چوهڙ جمالي، ضلعي ٺٽي ۾، عبدالرحمان ماڃوٺيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم پنھنجي ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ 1980ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ٺٽي مان گرئجوئيشن ڪيائين. 1984ع ۾ پوليٽيڪل سائنس ۽ 1988ع ۾ سچل ڪاليج حيدرآباد مان انٽرنيشنل رليشنز ۾ ماسٽرس جون ڊگريون حاصل ڪيائين.
پيشوراڻي زندگيءَ جو آغاز هن 1982ع ۾ هڪ استاد طور ڪيو ۽ ان سان گڏ مختلف اخبارن، رسالن ۽ ٽيليويزن سان پڻ لاڳاپيل رهيو. سياسي حوالي سان ابتدا ۾ جيئي سنڌ هلچل ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ڪارڪن طور ڪم ڪيائين، بعد ۾ عملي سياست ڇڏي ڏنائين.
رحمت ﷲ ماڃوٺيءَ لکڻ جي شروعات ننڍپڻ کان ڪئي. روزاني عبرت، مهراڻ، پڪار، جاڳو، عوامي آواز ۽ ڪاوش سميت مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ لکندو رهيو. سندس چار ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جن ۾ (1) ’بيگار ڪئمپ‘ (ڪهاڻيون)، (2) ’ڪاملي‘ (ڪهاڻي- ڪتاب)، (3) ’نوان رستا، نيون راهون‘ (مضمون) ۽ (4) ’ڳولا‘ (ناوليٽ).
کيس بھترين ڪهاڻيڪار طور سنڌالاجي اوارڊ، سنڌي ادبي سنگت اوارڊ، عثمان ڏيپلائي اوارڊ، سنڌ ڪلچرل ڪائونسل اوارڊ، مادر وطن اوارڊ ملي چڪا آهن.
هن جي هڪ سڃاڻپ ڊرامانگار واري بہ آهي. سندس ڪيترا ڊراما پي. ٽي. وي ۽ نجي چئنلن تان سنڌي ۽ اردوءَ ۾ هلي چڪا آهن، جن ۾: سسرال، ريت ڪي ديوار، ڪالي چادر، تلخيان، قربتون، گونج، ماڙي ۽ زندگي تو بنا، ڊراما ڏيھہ توڙي پرڏيھہ ۾ مقبوليت حاصل ڪري چڪا آهن، جن تي کيس پي. ٽي. وي ۽ مختلف ادارن پاران ڪيترا اوارڊ ملي چڪا آهن. هي هڪ سٺو مزاح نويس بہ آهي.
1957.03.25 عيسوي
سنڌ جي مشهور ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نگار، رحمت الله ماڃوٺيءَ، 25 مارچ 1957ع تي چوهڙ جمالي، ضلعي ٺٽي ۾، عبدالرحمان ماڃوٺيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.