رحمت الله، مخدوم، صدر ٺٽوي: هيءُ ٺٽي جي تمام وڏن عالمن مان هو، درس ۽ تدريس جو صاحب، معقول ۽ منقول جو جامع ۽ فروع ۽ اصول تي حاوي عالم ۽ وقت جو علامہ هو. عالمگير اورنگزيب سندس علمي ڪمال جي واکاڻ ٻڌي کيس وڏي مان ۽ شان سان پنھنجي درٻار ۾ گهرايو. جڏهن هي شاهي درٻار ۾ پهتو تہ بادشاھہ کانئس امتحان وٺڻ جو ارادو ڏيکاريو، ان وقت عالمگير جي وزير عنايت ﷲ خان جي هٿ ۾ ’تفسير بيضاويءَ‘ جو هڪ نسخو هو. حڪم ٿيو تہ اهو علامہ رحمت ﷲ جي حوالي ٿئي ۽ علامہ ان کي ڏسي صحيح يا غلط هجڻ جي راءِ ڏئي. مولانا ڪتاب کولي ڏسي هڪدم واپس ڪندي چيو تہ غلط آهي. عنايت ﷲ خان موقعو وٺي مولانا کي چيو تہ بادشاهن جي درٻار ۾ بنا ڏسڻ وائسڻ ۽ تصديق جي غلط چوڻ درست ناهي، بلڪ اها گستاخي آهي. مولانا سيني تي هٿ رکي ادب سان چيو تہ آءٌ پاڻ ڪتاب آهيان، تنهنڪري وڌيڪ ڏسڻ جي ضرورت ڪهڙي اٿم. بادشاھہ معلوم ڪري ورتو تہ هي وڏي علم جو مالڪ آهي ۽ سندس علم ۽ ادب کان گهڻو متاثر ۽ خوش ٿيو. مولانا وقت بہ وقت شاهي درٻار ۾ پنھنجي عزت وڌائيندو ويو ۽ جيڪا ڳالھہ وزير عنايت ﷲ خان کي سٺي نہ لڳي ۽ شڪ ۾ ويڙهجي ويو تہ مولانا ڪٿي سندس درجي کي ڌڪ نہ رسائي. مولانا اها ڳالھہ محسوس ڪري بادشاھہ کان ٺٽي جي صدارت جو عهدو وٺي واپس موٽي آيو. مولانا شاعر بہ هو. مولانا عالمگير اورنگزيب جي وفات کانپوءِ ڪجهه وقت زندھہ رهيو ۽ ٻارهين صدي عيسويءَ جي وچ ڌاري وفات ڪيائين.