رحيمداد مولائي شيدائي

رحيمداد مولائي شيدائي

رحيمداد مولائي شيدائي

رحيمداد مولائي شيدائي: نامور محقق رحيمداد مولائي شيدائي ولد شير محمد خان بلوچ، 1894ع ڌاري سکر ۾ ڄائو. مولائي شيدائي شروعاتي تعليم غريب آباد، سکر ۾ آخوند خدابخش ابڙي جي مدرسي مان حاصل ڪئي، ان کانپوءِ کيس ٻئي مدرسي ۾ داخل ڪيو ويو، جتي قرآن پاڪ جا ڏهه سيپارا پورا ڪري، اڃا ڪريما ۽ ’پندنامه عطار‘ مس شروع ڪيائين ته سندس پيءُ کيس اتان ڪڍي سنڌي اسڪول ۾ داخل ڪرايو. چار درجا سنڌي پاس ڪرڻ کانپوءِ رحيمداد سکر جي ائنگلو ورنيڪيولر اسڪول ۾ داخل ٿيو، جتي هن ڇهين درجي انگريزيءَ تائين تعليم حاصل ڪئي. اتي سندس تاريخ جو استاد مسٽر هيمراجاڻي هو، جنهن کيس تاريخ جا ڪيترا ڪتاب پڙهايا. 1913ع ۾ ڇهه درجا انگريزي پڙهڻ کانپوءِ رحيمداد پڙهڻ ڇڏي، ريلوي کاتي ۾ فائرمين طور ڀرتي ٿيو، جتان ستت ئي کيس ترقي ڏئي ريلوي ٽريفڪ ۾ ٽرين ڪلارڪ مقرر ڪيو ويو. ڪجهه عرصي کانپوءِ کيس روهڙي اسٽيشن تي 65 روپين پگھار سان فورمئن مقرر ڪيو ويو. ان بعد فورمئن مان سيڪنڊ گارڊ ۽ پڇاڙيءَ ۾ گارڊ مقرر ٿيو. رحيمداد 1939ع ۾ نوڪريءَ تان رٽائر ٿيو ۽ پراويڊنٽ فنڊ جي مليل اٺن هزارن روپين مان سکر جي ڪنگس هل ٽڪريءَ تي جاءِ ٺهرائي، زندگيءَ جي آخري ڏينهن تائين اتي رهيو.
ريلوي گارڊ واري زماني ۾ رحيمداد پنهنجي واندڪائيءَ جو وقت سکر جي اخبار ’ستاره سنڌ‘ جي آفيس ۾ گذاريندو هو، جنهن جو ايڊيٽر پير علي محمد راشدي هو. هن ان وقت اخبارن ۾ مضمون لکڻ شروع ڪيا.
پير علي محمد راشدي سندس فقيراڻي ۽ دلچسپ طبيعت کي نظر ۾ رکندي، هن لاءِ ’مولائيءَ‘ جو تخلص تجويز ڪيو، پر پير حسام الدين جو خيال هو ته هن لاءِ ’شيدائي‘ تخلص وڌيڪ مناسب رهندو. نيٺ گھڻي سوچ ويچار کانپوءِ مولانا دين محمد وفائيءَ جي رٿ تي ٻيئي تخلص گڏائي، رحيمداد پنهنجو تخلص ’مولائي شيدائي‘ اختيار ڪيو.
1930ع ۾ جڏهن مولانا دين محمد وفائي ڪراچيءَ مان ’توحيد‘ رسالو ڪڍيو ته مولائي شيدائيءَ جا تاريخي مضمون ۽ مقالا پهرين ان ۾ ڇپجڻ لڳا. ٻيءَ مهاڀاري لڙائيءَ واري دؤر ۾ جڏهن الهه بخش سومري ۽ سندس دوستن ’آزاد‘ نالي روزاني اخبار ڪڍي ته مولائي شيدائيءَ کي گهرائي، اخبار جو نائب ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. اڳتي هلي جڏهن منشي عبدالشڪور حيدرآباد مان ’هلال پاڪستاناخبار ڪڍي ته مولائي شيدائيءَ کي اخبار جو چيف ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو.
مولائي شيدائيءَ کي 1950ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ فيلو مقرر ڪيو ويو، فيلوشپ جي پهرئين سال ۾ هن سنڌ يونيورسٽيءَ کي ’جنت السنڌ‘ نالي هڪ ڪتاب تاريخي ۽ جاگرافيائي حوالن سان تيار ڪري ڏنو. پوءِ جڏهن سنڌ يونيورسٽي، ڪراچيءَ مان کڻي حيدرآباد ۾ قائم ڪئي وئي ته 1951ع ۾ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ، مولائي شيدائيءَ کي، ڊاڪٽر ’سي. ڊويز‘ جو هندستاني تاريخ تي انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب Readers of Indian History جي سنڌي ترجمي جو ڪم سونپيو، جيڪو هن ضروري نوٽن سان ’تاريخ هندستان‘ جي نالي سان ترجمو ڪري يونيورسٽيءَ جي حوالي ڪيو. ان کانسواءِ مولائي شيدائيءَ، فرينچ محقق گستاولي بان جي مشهور ڪتاب ’تمدن عرب‘ جي نموني تي ’تاريخ تمدن سنڌ‘ لکي ۽ هڪ ڪتاب ’تاريخ سکر‘ پڻ لکيو. سندس ٻين ڪتابن ۾ (1) ’تاريخ ٽالپر‘، (2) سنڌ جا پراڻا شهر ، (3) ’تاريخ قلات‘ (اردو)، (4) مهدوي تحريڪ، (5) مختصر تاريخ بلوچستان، (6) سنڌ جي ســيـاســت، (7) تـاريــخ خـاصـخيـلـي ۽ (8) جنت السنڌ،

(9) سفينة النوح عرف پيغام نوح (مخدوم نوح ۽ خاندان جي تاريخ) شامل آهن. سندس ڪتاب ’تاريخ بلوچستان‘ تي کيس بلوچستان جي گورنر جرنل جي سيڪريٽريءَ ۽ درٻار قلات پاران روڪ انعام ڏنو ويو.
رحيمداد خان مولائي شيدائي، 12 فبروري 1978ع تي سکر ۾ وفات ڪئي.


لفظ رحيمداد مولائي شيدائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1978.02.12  عيسوي

رحيمداد خان مولائي شيدائي، 12 فبروري 1978ع تي سکر ۾ وفات ڪئي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رشيده حجاب
عبدالمالڪ ميمڻ انجنيئر
حاجي محمود ’خادم‘
پنهل ڏهر
ديوان ننديرام
رضوي ماڪن شاهه
رياض صديقي
تولا رام ٻالاڻي
چترو ناگپال
ظفر عباسي ڊاڪٽر
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون