رحيم آباد1

رحيم آباد1: ڀڄ تعلقي جو هڪ قديم ڳوٺ، جنهن جو پراڻو نالو ’ڪڪر‘ آهي. ڪڇ ڀڄ ۽ سنڌ جي اصلاحي تحريڪ جي نامور اڳواڻ مولوي عبدالرحيم پڇميءَ جو تعلق هن ڳوٺ سان هو. مولوي پڇميءَ جي هن تحريڪ کي عورتن ۾ مقبول ڪرڻ جو سھرو ڏنارا (ڪڇ) جي پٽيل صاحب سمي جي نياڻيءَ ادب خاتون ڪريمان جي سر تي سونهي ٿو. مولوي عبدالرحيم جي هن تحريڪ سنڌ تي نمايان اثر ڇڏيا. 1956ع ۾ مولوي حاجي احمد ملاح پنھنجي هڪ شعر ۾ مولوي عبدالرحيم کي خراج پيش ڪيو اٿس:
اڄ بہ سنگت ساٿ ساريو، مولوي عبدالرحيم،
جنهن نہ واحد کي وساريو، مولوي عبدالرحيم،
ڪڇ، ڪڪر مان ڪفر ٽاريو، مولوي عبدالرحيم.
اڄڪلھہ ڪڪر کي رحيم آباد چوندا آهن. اهو نالو بہ مولوي حاجي احمد ملاح جو رکيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو