رحيم بخش بدوي
رحيم بخش بدوي: رحيم بخش بدوي 1852ع ڌاري شڪارپور ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو محمد بچل بدوي هو، جيڪو انگريزن جي دؤر ۾ بندوقن ۽ تلوارن جو واپار ڪندو هو. رحيم بخش جو ڏاڏو احمد بدوي ملتان مان لڏي اچي شڪارپور ۾ آباد ٿيو. رحيم بخش پنجن ورهين جي ڄمار ۾ ان وقت جي وڏي عالم آخوند قمرالدين قريشيءَ جي مدرسي ۾ قرآن پاڪ پڙهڻ شروع ڪيو. ان کان پوءِ شڪارپور ۾ هندن ۽ مسلمانن جي گڏيل ڪوششن سان سنڌي پرائمري اسڪول نمبر 1 کليو ته کيس ان ۾ استاد مقرر ڪيو ويو.
ميان رحيم بخش بدويءَ سنڌي ۽ انگريزي پڙهڻ کان پوءِ حيدرآباد آيو، جتي ٽن سالن تائين تعليم جي تربيت ورتي ۽ واپس شڪارپور ۾ ورنيڪيولر اسڪول ۾ اچي استاد مقرر ٿيو ۽ وقت جو هوشيار ۽ ڪامياب استاد ثابت ٿيو. 1896ع ۾ کيس ترقي ڏئي ساڳئي اسڪول ۾ هيڊماستر مقرر ڪيو ويو. 1904ع ۾ شڪارپور جي پرائمري اسڪولن جو سپرنٽينڊنٽ مقرر ٿيو، پر جلد ڪن سببن جي ڪري سندس نوڪري ختم ڪئي وئي. انهيءَ زماني ۾ آغا گل حسن خان گل خيرپور رياست جو نائب وزير هو، رحيم بخش وٽس ويو ۽ شڪارپور جي تعليم جي حال بابت وڃي کيس آگاهه ڪيائين. آغا گل حسن کيس گنبٽ سينٽرل اسڪول جو هيڊماستر مقرر ڪيو، جتان 1919ع ۾ رٽائر ٿيو.
ميان رحيم بخش بدوي تعليم جي ترقيءَ لاءِ تمام گهڻو جاکوڙيو، هن نياڻين کي تعليم ڏيارڻ لاءِ ڪيترن مسلم خاندانن کي آماده ڪيو ۽ هندو برادريءَ جي مخير حضرات جي سهڪار سان هاڻوڪي قاضي محلا پرائمري اسڪول جي عمارت تيار ڪرايائين. ان کان سواءِ پنهنجي ذاتي جاءِ (گهر) وڪرو ڪري منگي محلي ۽ نئين قبرستان ۾ مسجدون جوڙايائين. ميان رحيم بخش کي لطيف فنن ۽ ٻين علمي ادبي شعبن ۾ مهارت حاصل هئي. کيس علم ادب سان رغبت هئي. صوفي قادر بخش بيدل سان دوستي ۽ محبت هوندي هئس.
ميان رحيم بخش بدويءَ پنهنجي دؤر ۾ 148 صفحن تي مشتمل هڪ ڪتاب وياڪرڻ بابت لکيو، جنهن ۾ سمجهائڻ لاءِ فارسي شاعري به ڏنل هئي. اهو ڪتاب 1901ع ۾ مڪمل ٿيو. ان کان سواءِ شاعري به ڪندو هو.
هن چوٿين جولاءِ 1931ع تي وفات ڪئي، سندس مزار شڪارپور جي نئين مقام ۾ پنهنجي والد ميان محمد بچل بدويءَ جي ڀر ۾ واقع آهي.
ميان رحيم بخش بدوي جي ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
ڀلي آيا اي صاحبا، شفقت ڪري عالي وقار،
ٿا مڃون ان لاءِ ٿورا، سائين سڀن جا بيشمار.
1931.07.04 عيسوي
هن چوٿين جولاءِ 1931ع تي وفات ڪئي، سندس مزار شڪارپور جي نئين مقام ۾ پنهنجي والد ميان محمد بچل بدويءَ جي ڀر ۾ واقع آهي.