
رحيم بخش سومرو
رحيم بخش سومرو: مشھور سياستدان رحيم بخش سومري 1907ع ڌاري شھيد الھہ بخش سومري جي گهر، شڪارپور ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم شڪارپور مان حاصل ڪيائين. مئٽرڪ عليڳڙھہ يونيورسٽيءَ مان ڏنائين. رحيم بخش سومري کي سياسي ماحول سندس والد وٽان مليو. هن پنھنجي سياسي زندگيءَ جي شروعات 1938ع ۾ ڊسٽرڪٽ بورڊ جي چيئرمئن جي حيثيت سان ڪئي. 1943ع ۾ جيڪب آباد ميونسپل ڪميٽيءَ جو صدر ٿيو. 1946ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. 1949ع ۾ صوبائي وازرت صحت، زراعت لوڪل باڊي ۽ ڪوآپريٽو جا قلمدان وٽس رهيا. 54-1953ع ۾ پيرزادي جي وزارت ۾ ترقيات جو وزير مقرر ٿيو. ايوب خان جي دؤر ۾ قومي اسيمبليءَ جي سيٽ تي سردار غلام محمد خان مھر سان مقابلو ڪيائين، جنهن ۾ ٽن ووٽن تان شڪست کاڌائين. ايئر مارشل اصغر خان جڏهن تحريڪ استقلال پارٽي ٺاهي تہ ان جو سنڌ جو صدر مقرر ٿيو. ڪجهہ عرصي بعد ان تان استعيفا ڏنائين. 1993ع جي چونڊن دوران پ پ پ ۾ شموليت اختيار ڪيائين. جنرل رحيم الدين جڏهن سنڌ جو گورنر مقرر ٿيو تہ رحيم بخش سومري کي صحت، آبپاشي، ۽ ڪميونيڪيشن جو وزير مقرر ڪيو ويو.
رحيم بخش سومري، 21 آگسٽ 2003ع تي وفات ڪئي.