رحيم بخش قريشي

رحيم بخش قريشي: سگهڙ رحيم بخش ولد عبدالله قريشي 1948ع ۾ ڳوٺ ڪيٽي قادر بخش شاھہ، ضلعي نوابشاھہ ۾ پيدا ٿيو. پنج درجا سنڌي تعليم، ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ پڙهيو. کيس ننڍپڻ کان شعر شاعريءَ جو شوق هو. 1966ع ڌاري ادبي دنيا ۾ پير پاتائين ۽ وڏن سگهڙن جي صحبت ۾ رهي پهرينءَ صف جو سگهڙ ٿيو. 1975ع ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۾ ملازم ٿيو، ان ڪري لڏي اچي ڄامشوري ويٺو، جتي وٽس سگهڙ محفلون مچڻ لڳيون. هن ’سنڌ سڄاڻ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم‘ جو ساٿين سان گڏجي بنياد وڌو. هن 8 مئي 2004ع تي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ۾ سگهڙ ڪانفرنس ڪوٺائي. هي ’سلات‘ جو مرڪزي سينيئر نائب صدر رهيو. ڪيترا اوارڊ ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽ ماڻيائين.


لفظ رحيم بخش قريشيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو