رحيم خان کوسو

رحـيـم خـان کوسو: 1833ع ۾ حيدرآباد جي والي، مير مراد علي خان ٽالپر جي وفات کانپوءِ ٽالپرن ۽ شاھہ شجاع جي وچ ۾ جنگ ڇڙي وئي. ٽالپرن جو شڪارپور ۾ گورنر سيد ڪاظم علي شاھہ هو ۽ سندس فوج جو سپھہ سالار خان کوسو'>رحيم خان کوسو هو، جيڪو وڏو بھادر شخص هو. شاھہ شجاع شڪارپور ۾ ئي هو تہ آغا سيد ڪاظم علي شاھہ شڪارپور مان راتورات رحيم خان کوسي جي مدد سان خيرپور اچي نڪتو، بعد ۾ رحيم خان کوسي سندس ڀاءُ آغا سيد محمد تقي شاھہ کي بہ سلامتيءَ سان خيرپور پھچايو. اهڙيءَ ريت خان کوسو'>رحيم خان کوسو ڪيترين جنگين ۾ وڙهيو، پر سندس مڪمل احوال ملي نہ سگهيو آهي.


لفظ رحيم خان کوسوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو